
ڀڳت ٽيئون رام
ڀڳت ٽيئون رام: ڀڳت ٽيئون رام جو جنم اڳوڻي ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياريءَ) جي تعلقي هالا جي ڳوٺ کنڊوءَ ۾، 6 جولاءِ 1887ع تي، ڇنڇر جي ڏينهن، ڀڳت چيلارام آسنداس کتريءَ جي گهر ۾ ٿيو. ٽيئون رام جي ماءُ جو نالو ڪرشنا ديوي هو. سنت چيلارام ۽ سندس گهرواري ساڌن، سنتن ۽ ڀڳتن جي خدمت ڪندي سرهائي محسوس ڪندا هئا. هنن ننڍڙي ٽيئون رام جي دل ۾ بہ ڌڻي سڳوري جي محبت سان گڏ ڀڳتن ۽ سنتن لاءِ عزت ۽ شرڌا جو ٻج پوکيو هو. ٽيئون رام کي پڙهڻ لاءِ پاٺشالا موڪليو ويو، پر اتي هن جي دل پڙهڻ کان وڌيڪ ڀڄنن ڳائڻ سان هوندي هئي. گهر ۾ ڪو ڀڳت آيو تہ ان جي ٽھل ٽڪور ۽ خدمت پيو ڪندو هو ۽ سندن ڀڄنن وغيرہ ڳائڻ ۾ وڏو چاھہ وٺندو هو. 14 سالن جي عمر ۾ ٽيئون رام ان زماني جي مشھور سنت آسورام کان گُرمنتر ورتو. چيلارام جي گهر ۾ نيم سان ست سنگ ٿيندو هو ۽ ٽيئون رام دلچسپيءَ سان ان ۾ حصو وٺندو هو، پيءُ جي چالاڻي کان پوءِ جوان ٽيئون رام پيءُ جو ڌنڌو هلائيندو هو ۽ پيءُ وانگر ست سنگ بہ جاري ڪيائين. هو جڏهن يڪتارو کڻي ڳائيندو هو تہ ٻڌندڙ مست ٿي ويندو هو. سندس ننڍي ڀاءُ گوالانند بہ هن جو اثر قبول ڪيو. ٽيئون رام دڪان جو ڪاروبار هلائيندي ڪيترن مسڪينن کي مفت سيڌو ڏئي ڇڏيندو هو. آهستي آهستي هن جي دل دنيائي معاملن مان کٽي ٿيندي ويئي ۽ دڪان تي صرف ٻہ ٽي ڪلاڪ ويهندو هو، باقي وقت ڀڳت وجهندي ۽ ڀڄنن ڳائيندي گذاريندو هو. سندس وڏي ڀاءُ ٽھلرام کيس باغن ۽ کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم سونپيو. ڀڳت ٽيئون رام باغ ۾ ويهي ايڪانت م ڀڄن ڳائيندو هو. خود شاعر بہ هو ۽ هن ڪيترا ڀڄن بہ لکيا. سندس وڏو ڀاءُ هن جي اها اهڙي هلت ڏسي ڪاوڙبو هو. هڪ ڀيري شمشان ڀوميءَ ۾ هڪ وڻ هيٺيان ڌيان گيان ۾ مگن ٿي ويو. مائٽ کيس ڳوليندا رهيا. ٽئين ڏينهن وڃي ڏٺائون تہ مساڻن ۾ ايڪانت ۾ ويٺو آهي. کيس ريهي ريبي گهر وٺي آيا، جتي هاڻي نت نيم سان ستسنگ ڪندو رهيو.
ڀڳت ٽيئون رام پنھنجي منڊلي تيار ڪئي هئي. جنهن کي ساڻ ڪري سنڌ جي مختلف شهرن جھڙوڪ: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور وغيرہ ۾ ڀڄن ڀاءُ ڪندو هو ۽ گيان ۽ پريم جو پيغام پکيڙيندو هو. ڪنهن بہ مت ۽ مذهب جي مخالفت نہ ڪندو هو. سندس لنؤ رڳو پَرماتما سان هئي. ڀڳت ٽيئون رام 30 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ ڳوٺ کنڊوءَ کي ڇڏي، پنھنجي پوئلڳن سان گڏ اچي ٽنڊي آدم شھر جي ڏکڻ ۾ واريءَ جي پٽن تي آستانو بنايو. پوءِ تہ جهنگل ۾ منگل ٿي ويا. اهو آستانو پوءِ ”امراپور“ جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ڀڳت ٽيئون رام سنڌي ۽ هنديءَ ۾ بيت، ڪافيون، ڀڄن ۽ سلوڪ لکندو ۽ ڳائيندو هو. ڀڳت جي مشهوري ساڙيلا ماڻهو برداشت نہ ڪري سگهيا ۽ انگريز حڪومت کي لکيائون تہ هي مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ ۽ انگريز سرڪار جو مخالف آهي. ڪجهہ انگريز عملدارن هن جي آستاني تي اچي جائزو ورتو، ۽ کانئس متاثر ٿيا ۽ آستان واري سموري زمين کيس لکت ۾ ڏئي ڇڏيائون. هن جي آستان تي هندو مسلم سڀ ايندا هئا. هڪ ڀيري ڀڳت ٽيئون رام ساٿين سميت جهوڪ شريف ۾ وڃي نڪتو. هو ماس نہ واپرائيندو هو. جهوڪ جي بزرگن هن درويش جي احترام ۾ ان سال درگاھہ تي گوشت جو واهپو بند ڪري ڇڏيو. ڀڳت ٽيئون رام 20 جون 1942ع تي حيدرآباد م سوامي ماڌو داس وٽ لاڏاڻو ڪيو. کيس امراپور آستان ۾ قائم پريم پرڪاش منڊل ۾ آڻي اگني سنسڪار ڪيو ويو ۽ اتي سندس سماڌي بہ جوڙي وئي. جتي هر سال ميلو بہ لڳندو هو. کانئس پوءِ گاديءَ تي سرمانند مهراج ويٺو، جنهن ڀڳت ٽيئون رام جي روايتن کي اڳتي وڌايو. ورهاڱي کان پوءِ سندس رک هندستان ۾ جئپور آڻي اتي بہ سندس سماڌي جوڙي ويئي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. 1977ع ۾ سوامي سرمانند جي لاڏاڻي بعد سندس گاديءَ تي سوامي شانتي پرڪاش مهراج ويٺل آهي. ڀڳت ٽيئون رام جو مکيہ آستان تہ جئپور ۾ آهي، پر هردوار، آگري، احمدآباد، بڙودي، پوني، بمبئي، الهاس نگر، لکنؤ ۽ ٻين شهرن ۾ بہ ڀڳت جي نالي سان آشرم قائم آهن.