ڀڳت پيسو رام

ڀڳت پيسو رام: امر شھيد ڀڳت ڪنور رام جي فرزند پيسو رام 8 آگسٽ 1917ع تي سکر ضلعي جي جروار ڳوٺ ۾ جنم ورتو. پيءُ وانگر ڳائڻ شروع ڪيائين. 1935ع ڀڳت ڪنور رام سندس شادي جيٺا نند زميندار جي نياڻيءَ پريتان ٻائيءَ سان ڪرائي. شاديءَ جي موقعي تي ڪيترا سنت، مهاتمائون ۽ گُني گياني آيا. پيسورام بہ ڀڳت ڪنور رام وانگر نماڻو، سادو، نهٺو ۽ سخي آهي. پيءُ جي روايت تي قائم رهندي، غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ابتدا ۾ سکر ۾ مينگهراج جي ڪوٺين تي لکپڙھہ جو ڪم ڪندو هو. ڀڳت ڪنور رام جي شهادت بعد حالتون سازگار نہ ڏسي ڪجهہ سال ڪلڪتي طرف پڪوڙ ۾ نيڀراج هرومل وٽ منيب ٿي رهيو. پنجن سالن بعد وري سنڌ موٽي آيو ۽ جروارن ۾ پورهيو ڪري گهرٻار جي پالنا ڪرڻ لڳو. پيءُ وانگر ڳائڻ وڄائڻ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ جاري رکيائين ۽ ڀڳت ڪنور رام جي شرڌالن جي خدمت ڪندو رهيو. سندس آواز ۾ بہ سوز هو. ورهاڱي کان پوءِ ڏهن سالن تائين جروارن ۾ رهيو. 1957ع ڌاري سنڌ جا وڻ ڇڏي ڀارت ۾ امراتيءَ ۾ وڃي ديرو ڄمايائين. اتي ڪنور ڀڳت جو آستان آهي ۽ ان سڄي ايراضيءَ کي ”ڪنوررام نگر“ سڏيندا آهن. ڀڳت پيسورام، ڀڳت ڪنور رام جي هتي جوت جلايو ويٺو آهي. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀڳتي ڪندو آهي. سندس پٽ امراوتيءَ ۾ دڪان سنڀاليندو آهي ۽ پيءُ، پيسورام وانگر ستسنگ ۽ ڀڳت رنگ قائم رکيو پيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو