ڀڳت ڏيوجي: ڀڳت ڏيوجي جو جنم 1930ع ڌاري ٽنڊي الهيار ضلعي جي ڳوٺ شادمان جروار ۾ ڀيل برادريءَ ۾ ٿيو . هن موسيقيءَ جي سکيا استاد شاھہ محمد ڪلوئيءَ کان ورتي . سندس وڏا اصل جيسلمير جا هئا ، تنهنڪري پاڻ ’جيسلميري ‘ سڏائيندو هو . ڀڳت ڪنور رام کان گهڻو متاثر هو ، تنهنڪري پنھنجي نالي سان ڀڳت ڳنڍي ڀڳتون وجهڻ ۽ ست سنگن ۾ حصو وٺڻ لڳو . شاھہ لطيف ، مصري شاھہ ، عثمان فقير ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام پنھنجي مخصوص سريلي انداز ۾ ڳائيندو هو . هن سنڌ جي ڪيترن ئي ميلن ۽ عُرسن جي موقعن تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو . اهڙي ئي هڪ ميلي تي رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي ماتليءَ واري جي مٿس نظر پئجي وئي ، جنهن سندس فن جي قدرداني ڪندي کيس ماتلي گهرايو ۽ کانئس محفل ٻڌي کيس انعامن ۽ سوکڙين سان نوازيو . انهيءَ محفل جو ذڪر رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ پنھنجي مشھور ڪتاب ” ڪيئي ڪتاب “ ۾ ڪيو آهي . ڀڳت ڏيوجي پنھنجي برادريءَ ۾ چوڏهيون ۽ معرڪا بہ ڏاڍي شوق سان ڳائيندو هو . هارمونيم جي ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا ڏنائين . صوفياڻي طبيعت سبب ڪڏهن بہ ڪنهن سان ٻاڙو نہ ٻوليائين . فقرائي رنگ ۾ ورتل هيءُ فقير نوڙت ۽ نهٺائيءَ جو نمونو هو . گفتگوءَ ۾ نرمي ۽ مٺاس هوس ، پر موقعي مھل جي حساب سان چرچا بہ ڏاڍا سٺا ٻڌائيندو هو ، نہ تہ گهڻو ڪري خاموش رهندو هو . سنڌ جي هن صوفي فنڪار 2002ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي .