ڀڳت کيمچند آسناڻي

ڀڳت کيمچند آسناڻي

ڀڳت کيمچند آسناڻي

ڀڳت کيمچند آسناڻي: ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ ڀڳت کيمچند ولد ڀيمون مل آسناڻي، ضلعي ٿرپارڪر جي مٺي شھر ۾ 1 اپريل 1881ع تي ڄائو. شروعاتي ست درجا مٺي ۾ پڙهي، ورنيڪيولر فائنل جو امتحان عمرڪوٽ سينٽر مان پاس ڪيو. 1901ع ۾ روينيو کاتي ۾ ملازم ٿيو، جتان هيڊ منشيءَ جي حيثيت سان 1936ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ننڍپڻ کان وٺي سندس لاڙو سداچار (حق سچ جي واٽ تي هلڻ) ۽ سماج جي سُڌاري ڏانھن گهڻو رهيو ۽ اُن لاءِ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين پاڻ پتوڙيندو رهيو. 92 ورهين جي ڄمار ۾ 19 مارچ 1974ع تي مٺيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس سماڌي مٺيءَ ۾ آهي. جتي هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”پروليون“ (1954ع)، ”برهم چريه“ (1961ع)، ”ٻوڌ دائڪ چُٽڪا“ (1963ع)، ”انسانيت ڇا کي چئجي؟“ (1964ع)، ”قدرتي جيوَن“ (1909ع)، سندس آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي“ نالي سان 2004ع ۾ شايع ٿيو. جيڪو نامياري اديب ولي رام ولڀ ترتيب ڏنو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1881.04.01  عيسوي

ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ ڀڳت کيمچند ولد ڀيمون مل آسناڻي، ضلعي ٿرپارڪر جي مٺي شھر ۾ 1 اپريل 1881ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دَل مناهيو
ڏوڏيجا پيسو مل
خسروي مرزا علي نواز بيگ
حنيف ساگر بڙدي
سيد قادر بخش شاهه
پير ڪرهيو ڀانڊاري
فيض محمد سڪندري پتافي
اشرف علي ٻرڙو
خانبهادر احمد خان سڌايو
طلعت حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون