ڀڳت ڪنور رام

ڀڳت ڪنور رام

ڀڳت ڪنور رام2

ڀڳت ڪنور رام2

ڀڳت ڪنور رام

ڀڳت ڪنور رام: ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائڪيءَ جي باني ڀڳت ڪنور رام 13 اپريل 1885ع تي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺ ”جروار“ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو تاراچند ۽ ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي ھو. صوفي بزرگ سنت کوتارام سندس نالو ”ڪنوررام“ رکــيو. هُو شـروع ۾ ســنڌي پڙھڻ ويٺو، ان کان پوءِ فارسي سکيو. سندس پيءُ کي زمين جو ٽڪرو ھو. هو ڪڏھن ڪڏھن پيءَ سان گڏ ٻنيءَ تي جهار ھڪليندو ۽ نار ھلائيندو ھو، جوان ٿيو ته ڪُھر وڪڻڻ شروع ڪيائين. ان دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکندو رھيو. درٻار ۾ آئي وئي جي ٽھل ٽڪور پڻ ڪندو ھو. اتان جو ھڪ سنت سترامداس کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو. جنھن کان متاثر ٿي ڀڳت وجهڻ سکي، سندس سنگ ۾ سنت طور شامل ٿيو. سنت سترام داس سان، ڀڳت ڪنور رام جي هڪ واقعي وسيلي واقفيت ٿي. ھڪ دفعي سترام داس صبح جو جروارن ۾ اسر مھل ڀڳت پئي ڪئي ته سندس ڪُھرن وڪڻڻ جو ھوڪو ٻڌائين. ھوڪو اھڙي مٺڙي آواز ۾ ھو، جو سنت سترام داس ڪُھرن وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيو. پر هُن سنت جو پيار، پنھنجائپ ۽ پاٻوهه ڏسي پئسا وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھميشه لاءِ سندس چاڪريءَ ۾ رھي پيو. وٽانئس ڀڳتي ۽ سنگيت جي تعليم سان رچي ريٽو ٿيو. 1903ع ۾ منگهرياڻين جي زميندار ڀائي اوتو مل جي نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. هُو ڀڳت وجهڻ دوران جيڪي ڪجهه ملندو ھو، اھو غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. ھڪ ڀيري شھدادڪوٽ ۾ اڃا ڀڳت وڌي ته ھڪ فقير دانھن ڪئي: ”خالي جهولي ڀري ڏي، ٻچا پيا بک ۾ پاھه ٿين.“ ڀڳت پنھنجي جهوليءَ مان مٺ ڀري ان فقير کي ڏني. فقير ڏٺو ته اھي سڪا چانديءَ جا نه، پر ٽامي جا آھن، سو ڪاوڙ مان سڪا کڻي ڀڳت جي منھن ۾ ھنيائين ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. سندس پريمي ان فقير تي ڪاوڙجي پيا، پر ڀڳت انھن کي روڪيو ۽ فقير کي چيائين ”ابا ڏيڻ وارو به الله ۽ وٺڻ وارو به الله، باقي ماريئي هروڀرو مون مسڪين کي“. ائين چئي ٻي به مٺ ڀري فقير کي ڏنائين. هن وٽ ھندو مسلم جو مت ڀيد نه ھو، ڪو به سوالي ايندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو. هُو واحد راڳي ھو، جنھن راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. ھڪ ڀيري هن پير جي ڳوٺ واري مندر ۾ آخري پھر ۾ راڻو پئي ڳايو ته پوليس اچي ڪڙڪي. ھڪ فرياديءَ قرض جي اوڳاڙي لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي پوليس جي حوالي ڪيو ته ڀڳت ان کي ڇڏائڻ لاءِ ”جهولي“ ڪئي ۽ راڳ تڏھن بس ڪيائين، جڏھن فرياديءَ چيو ته ’سائين! منھنجا پئسا پورا ٿي ويا‘. ھڪ ڀيري هڪ سائل نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ مدد لاءِ سوال ڪيو. هن اتي جهولي جهلي سون چانديءَ جي ڳھن سان گڏ 1100 رپيا جمع ڪري سواليءَ کي ڏنا. اھڙيءَ طرح ڪيترن ئي سوالين جي مدد ڪندو رھيو. ھن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪيءَ جو نئون بنياد وڌو. سنڌ ۾ داستان گوئيءَ جو رواج تمام قديم رھيو آھي. اھا شاعري سنڌ جي واھڻن، وستين ۽ ڪچھرين ۾ چارڻ، سرندن ۽ دنبورن تي وڃي ڳائيندا ھئا. سنڌ ۾ ڀڳتي ڳائڻ جو انداز پڻ ٽولن جي صورت ۾ وجود م آيو. ڀڳت ڪنور رام جو ٽولو ھونئن ته مشھور ھو، پر هو سدائين اڪيلو ۽ اھڙي ته منفرد انداز ۾ ڳائيندو ھو، جو ھن مھل تائين سندس ڳايل صوفيانه ڪلام جو نقل ڪرڻ مشڪل آھي. جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ”جن سين'>جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکي ٿو ته ”ڀڳت ڪنور رام نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندو ھو.“ ماسٽر چندر اعتراف ڪندو هو ته ھن ”اڏر وڃ طوطل“ ڪلام، ڪنور رام کان سکيو، جنھن جي اکر اکر ۾ تان ھڻڻ وارو انداز آهي. ڪنور رام گهڻو ڪري ھر محفل جي پڇاڙي ۾ ”مارو“ راڳ ڳائيندو ھو، ته جيئن انسان کي موت جي يادگيري رھي. ڪنور رام زندگيءَ جو آخري راڳ مانجهندن ۾ ڳايو. جتان پھرين نومبر 1939ع تي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس ڀرچونڊيءَ واري پير جي هڪ مريد جان محمد جلباڻيءَ بندوق ھڻي زخمي ڪري وڌو. باگڙجي اسٽيشن تائين گهڻو رت وھڻ سبب سندس دم پرواز ٿيو. 2 نومبر تي سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھه رھڙڪيءَ ۾ آھي. هن ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سا صوفياڻي ثقافت جي عڪاسي ھئي. جامو ۽ ڇير، خاص ڪري هن ئي متعارف ڪرائي. سندس وڇوڙي تي ڄيٺانند ھيمنداس ڪويءَ ڪيترائي ڪتابڙا ڇپايا. هن بابت سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب تيرٿ وسنت جو ڪتاب ”ڪنور“ ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو. ڀڳت ڪنور رام جا هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ مجسما موجود آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڄامشوري جي ميوزم ۾ پڻ ڀڳت ڪنور رام جو مجسمو رکيل آهي، جيڪو لکنؤ کان ڀڳت چانڊورام ٺھرائي موڪليو هو، جيڪو سندس پُٽ کڻائي آيو هو ۽ ان موقعي تي هڪ خاص تقريب به سنڌالاجيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي هئي.


لفظ ڀڳت ڪنور رامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو