ڀڳوان ايس. گدواڻي

ڀڳوان ايس. گدواڻي

ڀڳوان ايس گدواڻي

ڀڳوان ايس. گدواڻي (Bhagwan S Gidwani): ڀڳوان ايس. گدواڻيءَ جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت ڪاليج جو شاگرد هو ۽ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ هندستان لڏي ويو.
عملي زندگيءَ 1978ع تائين سياحت کاتي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل، سول ائسوسيئيشن جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت ۾ هندستاني ڪائونسل جو رڪن ٿي رهيو. ان کانسواءِ 1978ع کان 1981ع تائين اقدام متحدہ جي ملڪن جي ڪائونسل (I.C.A.O) ۾ پهرين هندستاني نمائندي جي حيثيت سان ۽ پوءِ ساڳئي اداري ۾ 1985ع تائين سربراھہ جي عهدي تي فائز رهيو. جيتوڻيڪ پاڻ هندستان ۾ سرڪاري ملازم جي حيثيت سان اهم عهدن تي مصروف هو، باوجود ان جي مختلف موضوعن تي لکڻ سندس مشغلو رهيو. هن 13 سالن جي مسلسل تحقيق کان پوءِ تاريخي ڪردار ٽيپو سلطان جي زندگيءَ تي ناول جي گهاڙيٽي ۾ نهايت دلچسپ انداز ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو 1976ع ۾ ‘The Sword of Tipu Sultan’ جي نالي سان شايع ٿيو. هن ڪتاب لاءِ هن هندستان ۽ ٻاهرين ملڪن جھڙوڪ: برطانيا فرانس ۽ اسڪاٽ لئنڊ ۾ موجود لائبريرين مان فرينچ، ڊچ، فارسي، ترڪي ۽ پورچوگيز ٻولين جي ڪتابن مان مواد سهيڙي ٽيپو سلطان جي زندگي، ايثار، قرباني جرئت ۽ بهادريءَ تي ناول لکي پاڻ ملهايو. سندس مٿيون ڪتاب هندستان ۾ تڪراري بہ رهيو، هندستاني عالمن ۽ نقادن ٽيپو سلطان جي نسبت هندو گهراڻي سان ڳنڍڻ، هندو وزير رکڻ ۽ مندرن لاءِ خيرات ڏيڻ واري راءِ سان سخت اختلاف ڪيو. 1985ع ۾ (I.C.A.O) ڪائونسل مان رٽائر ٿيڻ بعد هن پنھنجي تحقيقي ڪم کي وڌائڻ جي خيال سان پرڏيھہ ۾ ئي مستقل سڪونت اختيار ڪئي.
سندس ٻيو ڪتاب ‘Returns of The Aryans’ 1995ع ۾ پينگوئن پبليڪيشن شايع ڪيو. هن ڪتاب لاءِ هو ارڙهن سالن جي طويل عرصي تائين تحقيقي عمل ۾ سرگرم رهيو ۽ مختلف ڪتابن تان مواد اخذ ڪري وڏي عرق ريزي ۽ محنت سان آرين جي تاريخ کي ناول جي سٽاءُ ۾ پيش ڪيائين. هن ناول ۾ هندو مت جي شروعات سان گڏ آرين جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد کي ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪندي 5000 ق.م ڌاري، آرين جي سنڌ ڌرتيءَ تان اولھہ ايشيا ۽ يورپ طرف هجرت ڪرڻ جا سبب، انهن جي ٻولي ۽ زندگيءَ جي ڍنگ وغيرہ کي قلمبند ڪيو آهي. هن پنھنجي تحقيق ذريعي مؤرخن جي عام راءِ کي رد ڪندي ڄاڻايو آهي تہ آريا اَصُل هتان (سنڌ) جا مقامي ماڻهو هئا ۽ اهي ڪنهن ٻئي هنڌان لڏ پلاڻ ڪري يا ڪاھہ ڪري هندستان ۾ اچي آباد نہ ٿيا هئا.
ورهاڱي جي ڪجهہ عرصي کانپوءِ هندستان جي ڪجهہ با اثر سياسي شخصيتن طرفان هندستاني قومي تراني:
جن من گن اڌينائڪ جيئه هي
ڀارت ڀاڳيه وڌاتا
پنجاب، سنڌو، گجرات مراٺا
دابر اٽڪلو بنگال...
مان سنڌ ۽ سنڌو درياھہ جي ذڪر کي ڪڍڻ (ختم ڪرڻ) جي راءِ خلاف احتجاج ڪندي هن ان وقت جي وزير اعظم کي خط لکي، ان عمل کي غير آئيني، غير جمهوري ۽ غير قانوني قرار ڏنو. گدواڻيءَ صاحب جي راءِ موجب، هندستان جو قومي ترانو ننڍي کنڊ جي عظيم بنگالي شاعر گرديو رابندر ناٿ ٽئگور جو لکيل آهي، جنهن مان ڪنهن بہ سبب جي ڪري ڪو لفظ خارج ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ هن عظيم شاعر کي رد ڪرڻ برابر هوندو ۽ جيڪڏهن قومي تراني مان ’سنڌ‘ لفظ کي خارج ڪيو ويو تہ هندستان ۾ رهندڙ سنڌي آبادي، پنھنجي دلين ۾ هندستاني قومي تراني جي عزت ۽ عظمت قائم نہ رکي سگهندي. گدواڻيءَ جي انهن ٺوس دليلن جي ڪري هندستاني سرڪار قومي تراني مان سنڌ لفظ کي خارج ڪرڻ واري معاملي تان دستبردار ٿي وئي. موجودہ وقت پاڻ پنھنجي گهرواري ليلا سان گڏ مونٽريال، ڪئناڊا ۾ رهائش پذير آهي، جڏهن تہ سندس ٻہ پٽ آمريڪا ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو