ڀڳوان ٻڌ ڪتاب

ڀڳوان ٻڌ ڪتاب

ڀڳوان ٻُڌ1

ڀڳوان ٻُڌ (ڪتاب ):هي ڪتاب مرهٽي ٻولي ءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن جو ليکڪ ڌرمانند ڪؤسمجي آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو پروفيسر نارائڻداس رتنمل ملڪاڻيءَ ڪيو، جيڪو ساهتيہ اڪيڊمي، نئين دهليءَ جي سيڪريٽري ڪي. آر. ڪرپالاڻي نومبر 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي جلد مٿان ڏنل چتر ميرپورخاص سنڌ ڀرسان ڪاهوءَ جي دڙي مان کوٽيل ٻُڌ جي مورتيءَ جو آهي. پرنس آف ويلس ميوزيم بمبئيءَ جي مهربانيءَ سان، اِها تصوير ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ ڪل 12 باب آهن. هي ڪتاب ٻُڌ ڌرم جي سڄي اصلوڪي ساهتيہ ادب جو گهرو اڀياس ڪري لکيو ويو آهي. ليکڪ ڌرماسنند 1876ع ۾ ڀارت جي شھر گوئا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. گوئا ۾ سرڪار طرفان تعليم جو ڪوبه بندوبست نہ هو. سو هن خانگيءَ طرح ڪجهہ مرهٽي ۽ ڪجهہ سنسڪرت سکي ورتي. انهيءَ عرصي ۾ هن ”ٻال ٻوڌ“ نالي هڪ ٻاراڻو مرهٽي رسالو ٻڌ ڀڳوان بابت پڙهيو. سو پڙهي ايتري قدر موهت ٿيو، جو ٻيا سڀ خيال ڇڏي ٻڌ ڌرم جي گيان حاصل ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌائين ۽ هي ڪتاب لکيائين. پڪي جلد جي، 384 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 3 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو