ڀڳوان ٻڌ

ڀڳوان ٻڌ

ڀڳوان ٻڌ

ڀڳوان ٻڌ

ڀڳوان ٻڌ

ڀڳوان ٻڌ (جنم 563 ق.م/ وفات 483 ق. م ):مهاتما ڀڳوان ٻُڌ، جنهن کي عام طرح گوتم ٻُڌ چيو ويندو آهي. هندستان ۾ ”ڪپل وستوءَ“ جي مقام تي، جيڪو بنارس کان هڪ سؤ ميل اتر اوڀر ۾ ”روهني“ درياهه جي ڪپ تي واقع آهي، حضرت عيسيٰ جي جنم کان 500 ورهيه اڳ هڪ آريا قبيلو ”ساکيا“ رهندو هو. جنهن جي اوڀر ۾ ”لياوي“ قبيلو رهندو هو. اها سلطنت اڳتي هلي ”مگڌ“ جي نالي سان مشهور ٿي. ”ساکيا“ جي اتر ۾ مغل قوم جا وڻجارا رهندا هئا ۽ اولهه ۾ ”آريا ورت“ هو، جتي سراوستي جو راجا رهندو هو. انهيءَ ۽ مگڌ جي راجا ۾ هميشه ڇڪتاڻ رهندي هئي. اهڙيءَ طرح ساکيا قبيلو ڪنهن حد تائين وچ ۾ ديوار هئڻ ڪري آزاد هو. هن قبيلي جا ماڻهو اڪثر ڪري مال چاريندا ۽ سارين جي پوک ڪندا هئا ۽ پوکن جي لاءِ پاڻي ٻي نديءَ مان حاصل ڪندا هئا، جنهن کي ”هان“ چوندا هئا. انهيءَ ندي جي ٻئي پاسي هڪ ٻيو قبيلو رهندو هو، جيڪو ’ڪولين‘ سڏرائيندو هو. ان ڪولين قبيلي جي راجا جي ٻن ڌيئرن جي شادي ساکيا قبيلي جي راجا ”سدوڌن“ سان ٿي، جن مان ڪنهن کي به وڏي عرصي تائين اولاد نه ٿيو. آخرڪار وڏي ڀيڻ کي 45 ورهيه جي ڄمار ۾ ٻار ٿيو، جيڪا انهيءَ خيال سان پيڪن ۾ وئي ته سندس ٻار اتي ڄمي، جڏهن ”ليني باغ“ وٽ پهتي ته سرير ۾ سور سبب لاچار ٿي هڪ وڻ هيٺيان هڪ ٻار کي جنم ڏنائين، جيڪو اڳتي هلي ”گوتم ٻڌ“ جي نالي سان جڳ مشهور ٿيو. ٻڌ جي ماءُ ”مايا“ ستين ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي ۽ ٻار جي پالنا ماسيءَ ڪئي، هن جو جنم 634 يا 568 ق.م ۾ ٿيو. ان ڳالهه ۾ اختلاف رهيا آهن ته ڇا سندس نالو سڌارٿ هو يا گوتم؟ جديد تحقيق موجب سڌارٿ جي باري ۾ پڪ نٿي بيهي ۽ گوتم جي لاءِ ثابتيون ملن ٿيون ته ننڍپڻ کان کيس گوتم سڏيو ويندو هو.
گوتم ٻڌ جي ننڍپڻ جو مستند احوال ڪتابن ۾ موجود نه آهي، پر جيڪي تفصيل انهي وقت بابت مليا آهن. اُهي اچرج جهڙا آهن، ۽ عقيدتمندن جا اضافا آهن، اها حقيقت آهي ته گوتم ٻڌ جي ننڍپڻ ۾ شادي هڪ شهزاديءَ سان ٿي، جيڪا سندس ماروٽِ هئي، گوتم جي زال بابت به اختلاف موجود آهن، ”چيني ٻڌن“ جو چوڻ آهي ته گوتم کي ٽي زالون هيون ۽ سندس ماروٽ زال مان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”راهول“ رکيو ويو.
ٻڌ مذهب جي راوين جو بيان آهي ته گوتم ٻڌ جڏهن جوانيءَ ۾ قدم رکيو ته هن ان وقت جي سڀني علمن ۽ فنن کي حاصل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هو سمورو وقت سوڀيا وان يشوڌرا جي سونهن جي پوڄا ۾ گذارڻ لڳو. محل ۾ عيش عشرت ۾ ايترو ته گم ٿي ويو، جو هن ٻاهر اچڻ ئي بند ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه خاندان جي مردن کي خراب لڳي ۽ اهي راجا وٽ شڪايت کڻي پهتا، جڏهن اها خبر گوتم تائين پهتي ته هن پنهنجن سمورن هنرن ڏيکارڻ لاءِ هڪ ڏينهن مقرر ڪيو. 29 سالن تائين ”ٻڌ“ جي زندگيءَ بابت وڌيڪ ڄاڻ نه ٿي ملي، انهيءَ سال گوتم ۾ هڪ ذهني انقلاب آيو، جنهن سندس حياتي بدلائي ڇڏي. اتفاق سان ان وقت گوتم جي زال پيٽ سان هئي ۽ خود گوتم جي گهر هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ٿيڻ واري هئي. زندگي ۽ ان جي مسئلن جي حل طرف سندس ڌيان ڇڪجي وڃڻ هڪ فطري ڳالهه هئي. هو سوچي رهيو هو ته ڇا ڪجي ان دوران سندس هڪ کاهوڙي سان ملاقات ۽ گفتگو ٿي. هن گوتم کي دنيا جي فاني هجڻ جو احساس ڏياريو. ان کي مايا جو هڪ مهاڄار ٻڌايو ۽ اها صلاح ڏنائين ته هو انهن ٻنڌڻن کي ڇني جهنگ جي نويڪلائيءَ ۾ وڃي ”تپسيا“ ڪري ۽ اڻ مٽ آنند حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. انهيءَ وقت ”مگڌ“جي گاديءَ جو هنڌ راج ڳڙهه هڪ اهڙي ماٿريءَ ۾ هو، جنهن جي چوڌاري ٽڪريون گهيريل هيون. انهن ٽڪرين ۾ ان وقت جا وڏا وڏا تياڳي، راهب ۽ درويش رهندا هئا. جن جي علم ۽ ڏاهپ جي مشهوري پري پري تائين پهتل هئي. گوتم انهن تياڳين مان هڪڙي وڏي تياڳي ’الاره‘ جي خدمت ۾ حاضر ٿي وٽانئس تعليم وٺندو رهيو. جڏهن الاره جو نظريو کيس مطمئن ڪري نه سگهيو ته ٻئي فلسفيءَ کان وديا حاصل ڪيائين ۽ هندو جيون جي فلسفي کي سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان وقت انهيءَ فلسفي جا ڇهه ”ودياليه“ هئا، جن ۾ ڳؤري ۽ سخت تپيسا جو متو گهڻو مقبول هو. تنهنڪري گوتم اُهو آشرم ڇڏي ارولا جهنگل ۾ ”ٻڌ گيا“ جي ويجهو، ڇهن سالن تائين پنجن چيلن سان گڏجي قسم قسم جي تپسيا ۽ انگ آزاري ڪئي. نوبت ايستائين وڃي پهتي جو گوتم ڳري ڪنڊا ٿي ويو. گوتم تمام گهڻي دماغي ولوڙ ۽ روحاني بي اطمينانيءَ ۾ مبتلا هو، سندس انهيءَ ڪيفيت کي ٻڌمت جا ڪتاب روشني ۽ اوندهه جي مقابلي جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا. گوتم کي تپسيا ۽ انگ آزاريءَ وسيلي من جي مراد حاصل نه ٿي نه ئي کيس من جو آنند مليو، جنهن ڪري زال، پٽ ۽ راڄ ڀاڳ ڇڏي هو ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ فطري طور سندس دل گهريو هوندو ته ”ابيقوريت“ جي جاءِ تي لذتيت (Stokisim) تي عمل ڪري. سندس تَن ۾ هڪ مانڌاڻ متو هوندو. گوتم جي دماغي ولوڙ ۽ روحاني ڪشمڪش برابر هلندي رهي. ايستائين جو ڏينهن لڙيو ۽ سج ٻڏڻ لڳو ته گوتم جي ذهن ۾ هڪ چمڪو پيدا ٿيو ۽ سندس ڳجهه انهيءَ لاٽ ۾ اهو حال لڌو، جنهن جي ڳولا ۾ هو ايترا ڏينهن سرگردان رهيو هو. کيس ڄاڻ ملي، ڄڻ ڪو چئي رهيو هجي ته رڳو اندر جي اوجر ۽ خلق سان پريم ڪرڻ ۾ ئي ڇوٽڪاري جو راز لڪل آهي ۽ انساني ڏوجهرن کان ڇٽڻ جا اهي ئي ٻه وسيلا آهن. انهيءَ چمتڪاري ڪيفيت کان پوءِ هو ”ٻڌ“ يا روشن ضمير، چورائڻ لڳو. ان کان پوءِ جي حالت گوتم جي لفظن ۾ هن طرح بيان ڪئي وئي آهي: ”جڏهن مون اهو ڄاڻي ورتو ته منهنجي آتما براين، دنياوي زندگيءَ جي گپ، غلط ۽ اَوِديا جي مونجهارن کان آزاد ٿي وئي آهي، ته مون کي پنهنجي ”نرواڻ“ جي ڄاڻ حاصل ٿي؛ ٻيهر جنم وٺڻ کان ڇوٽڪارو مليو؛ پوتر سمو ختم ٿي ويو ۽ فرض پورو ٿيو. مون اهو ڄاڻي ورتو ته هاڻي ته هن دنيا ۾ ٻيهر نه ايندس.“ هاڻي گوتم جي آڏو اهو سوال هو ته انهيءَ حل کي پاڻ تائين محدود رکي يا اهو پيغام ساري دنيا کي پهچائي. هن سمجهيو پئي ته ”آريا ورت“ ۾ برهمڻن جو گهڻو اثر آهي ۽ سندن جا نظريا ماڻهن وٽ مقبول پيل آهن، هن اهو به ڄاتو ٿي ته هن تن آزاري ۽ تپسيا ختم ڪري عوام آڏو پاڻ کي کلڻ هاب ڪيو آهي. هن سمجهيو ٿي ته هن جو پنهنجي ”مشن“ ۾ ڪامياب ٿيڻ، اڪ مان ماکي لاهڻ برابر نه آهي. هن جي دل ۾ جيڪو انساني پريم، ڇوليون هڻي رهيو هو. ان کيس ڪنڊائتو ويهڻ نه ڏنو ۽ پڪو ارادو ڪري اٿيو ته هُو پنهنجو حل ۽ پنهنجو نظريو دنيا جي فائدي لاءِ ضرور پيش ڪندو، ته جيئن هن وانگر هر ماڻهوءَ کي وري وري جنم وٺڻ کان نرواڻ حاصل ٿئي ۽ هرڪو ابدي آنند ۽ خوشي حاصل ڪري. مطلب ته سندس انهيءَ مشن کيس چرپر ۾ آندو ۽ انهيءَ جي تبليغ يا پرچار لاءِ اٿي کڙو ٿيو. گوتم جو ارادو هو ته پنهنجو پيغام هو پهريائين پنهنجن استادن الاره ۽ ادرڪ کي پهچائيندو، پر اتي پهچي کيس پتو پيو ته اهي هن جهان مان اسهي ويا هئا. هاڻي هن پنهنجن چيلن ڏانهن بنارس جو رخ ڪيو. رستي ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل برهمڻ سان سندس ملاقات ٿي. برهمڻ جڏهن سندس خوشيءَ ۾ جرڪندڙ منهن ڏٺو ته پڇيائينس ته ”خوشيءَ خوشيءَ ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ ته ٻڌ جواب ڏنس”مان اتم قانون جو ڦيٿو هلائڻ وڃي رهيو آهيان.“ برهمڻ ٻڌ جي ان جواب کان ايترو خوش نه ٿيو. گوتم جي پرچار جو تت هن ريت آهي ته جنهن شيءِ جو جسم آهي، اها مادي مان ٺهي آهي، مادو فاني آهي ۽ سدا رهڻ وارو نه آهي، تنهنڪري هر ”جسم رکندڙ“ شيءِ ۾ فنا جا جيوڙا موجود آهن. انسان جسم ۽ روح رکي ٿو. انهيءَ جو فنا سان ڪو واسطو نه آهي، غم، ڪمزوري، بيماري ۽ موت فنا جا ڏاڪا آهن، جيستائين ناپاڪ خواهشون باقي آهن ته حرص، ڳڻتيءَ ۽ سڌ (خواهش) جو واسطو ضرور رهندو، جيڪا انساني شيءِ مادي دنيا سان واسطو رکي ٿي، اها دل جي برائي آهي، جيستائين دل ۾ رتيءَ برابر به بدي هوندي ته دنيا کان ناتو ڇڄي نه سگهندو، دل جي برائيءَ سان گڏ نيڪ ڪم فائدي وارا نه ٿيندا. گوتم ٻڌ آخري اُپديش (وعظ) پنهنجي ڀڪشوءَ کي ڏيندي چيو هو: ”توهان کي پوريءَ طاقت سان چوان ٿو ته هر مرڪب شيءِ ۾ زوال پذيري تخليق طور موجود آهي، توهان پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ڪوشش ڪندا رهو.“ اهو چئي هو بيهوش ٿي ويو ۽ انهيءَ حالت ۾ ئي دنيا مان موڪلائي ويو. اهو واقعو 488 ق.م ۾ پيش آيو. گوتم جي ديهانت کان پوءِ چيلن ۾ گهڻي وقت تائين انهيءَ ڳالهه تي بحث ٿيندو رهيو ته دفن ڪفن ڪهڙي عنوان سان انجام ڏنو وڃي. آخرڪار آنند جو فيصلو مڃيو ويو ۽ لاش کي وڏي شان سان ڳائي وڄائي مڪتابندن، جي مندر ۾ کڻي ويا ۽ ان کي چڪرورتي راجائن وانگر ساڙيو ويو ۽ ”چکيا مٿان ڪيوڙي ۽ گلاب جو پاڻيءَ وسايو ويو، پوءِ سندس هڏين کي ڪٺو ڪري آندو ويو، ڪيترن راجائن ان مقدس يادگار ۾ حصو وٺڻ گهريو پر اهي پاڪ هڏيون فقط پاوا جي راجائن ۽ ڪوسي نگلا ۾ ورهايون ويون، جن پنهنجي پنهنجي حصي جي هڏين ۽ رک تي عاليشان گنبذ ٺهرايا. اهڙو هڪ عاليشان گنبذ حال ۾ ئي ڪسيا جي ويجهو لڌو ويو آهي، جنهن تي لڳل پٿر جو ڪتبو به مليو آهي. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته ”ڪسيا“ ئي قديم زماني جو ڪوسي نگلا (ڪوسي نگر) آهي، مگر پاوا جي باري ۾ کوجنا هن وقت تائين اڌوري آهي.ٻڌ ڌرم جو سنڌ ۾ به ڪيترو وقت زور رهيو. خاص طور تي عربن جي سنڌ تي ٿيل حملي وقت رعيت به ٻُڌ ڌرم سان منسلڪ هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو