ڀڳو ٽوڙو ۽ لڪي تيرٿ

ڀڳو ٽوڙو ۽ لڪي تيرٿ

ڀڳو ٽوڙو ۽ لڪي تيرٿ

ڀڳو ٽوڙو ۽ لڪي تيرٿ: سيوھڻ ۽ لڪيءَ جي جابلو علائقي جي ھڪ ڀاڱي جو نالو ’ڀڳو ٽوڙو‘ آھي، جنھن کي ’ڀڳو ٺوڙھو‘ بہ چون، ھي جابلو سلسلو سيوھڻ کان ڏکڻ طرف لڪيءَ تيرٿ تائين درياھہ جي ڪناري سان ھلندو هلي ٿو. ھن علائقي مان ٽامي جي پيالي ملڻ سان ڀڳي ٺوڙھي يا ان جي آسپاس ٽامي جي دور سان لاڳاپيل ڪنھن ماڳ جي موجودگيءَ جي نشاندھي ٿئي ٿي. آثار قديمہ جي ماھر، بئنرجيءَ جي تحقيقي ڪتاب ”ماڳن بابت وچور“ ۾ لڪي تيرٿ ۽ ڪاڇي واري علائقي ۾ تاريخ کان اڳ واري دور جا ماڳ ڄاڻايل آھن. لڪي تيرٿ جتي گندرف جا چشما ۽ ھندن جا ڌرمي آستان آھن، اتي کوجنا ڪئي وئي، پر ڀڳي ٽوڙي ۽ لڪي تيرٿ جي وچ واري علائقي مان ڪجهہ بہ ڪو نہ مليو. ڀڳي ٽوڙي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ٽڪرين جي ڪڇ سان، سنڌوءَ جي اٿل وقت پاڻي ھر سال اچي ٽڪرائبو ھو ۽ درياھي لٽ جي ڪري فصل تمام ڀلا ٿيندا هئا، ھن علائقي ۾ درياھہ جي ڪناري سان تاريخ کان اڳ واري انساني آباديءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڀڳي ٽوڙي جي وٽ سان هڪ کليل وسيع ميدان آھي، جنھن ۾ منڇر ڍنڍ جو ڪجهہ حصو بہ شامل آھي. ان کان پري کيرٿر جو جابلو علائقو آھي، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد آھي، ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ آمريءَ کان وٺي لوھم جي دڙي تائين، سنڌوءَ جي ڪناري سان ڪو بہ تاريخ کان اڳ واري دور سان لاڳاپيل ثقافتي ماڳ سلامت نہ بچيو آھي پر منڇر جي اولھہ طرف تاريخ کان اڳ واري ثقافتي ماڳ جي موجودگيءَ جو امڪان آھي. ڇاڪاڻ تہ ان علائقي تائين سنڌوءَ جي ٻوڏ وارو پاڻي پھچي نہ سگهندو ھو. لڪي تيرٿ تي گرم ۽ نيم گرم پاڻيءَ جا چشما آھن، جن ۾ گندرف مليل آھي. ڦٽن ڦرڙين ۽ خارش جي مريضن لاءِ ھي پاڻي شفا آھي. تيرٿ ڌارا کان ڪجهہ اوچائيءَ تي ھڪ دلچسپ غار آھي، جتي روايتن موجب شاھہ صدر چِلو ڪڍيو هو. غار جو منهن ڏھہ فوٽ ويڪرو ۽ ڇھہ فوٽ اوچو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو