ڀڳڙا ول

ڀڳڙا ول: ھيءَ نرم زمين ۾ اڀرندڙ جهنگلي ول آھي، جيڪا سڻ، مرٽ، کپ ۽ ٻوھہ وغيرہ ٻوٽن جي ڀرسان اڀري، انھن تي پکڙجي ويندي آھي، هن ول جا پن ڦاڪن سان قد جا ننڍا، پر گهاٽي سائي رنگ جا ٿين ٿا، ان جو ڦل ڀڳڙي جي داڻي جيڏو ٿئي ٿو، انڪري ئي ھن ول تي اھو نالو پيو آھي. ھن ول کي اٺ، ٻڪريون، گڏھ، رڍون ۽ ڍڳيون شوق سان کائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو