ڀڳڙو خان جيڻو

ڀڳڙو خان جيڻو: مشھور راڳي خان جيڻو'>ڀڳڙو خان جيڻو 1931ع ۾ پراڻي ميرپور ۾ بيساڙي ڀرسان ڳوٺ محمد خان جوڻيجي، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو ڦوٽو خان جيڻو هو. موسيقي کيس ورثي ۾ مليل هئي. سندس وڏڙا اصل ۾ ضلعي ٻاڙ مير جي ڳوٺ ريڏاڻي (ڀارت) جا رهواسي هئا سندس خاندان مان اُستاد آنٽل خان عرف آنٽڙيو، چئنچل خان عرف چانچڙيو مشھور ٿي گذريا آهن. ڀڳڙي خان جيڻي 1966ع کان سنڌ جي مشھور گائيڪ مرحوم اُستاد دين محمد خان کان راڳ جي سکيا ورتي، ڪجهہ سال سکيا وٺڻ کانپوءِ 1971ع ۾ هيءُ واپس ٻاڙ مير، هندستان هليو ويو. جيسلمير ۽ ٻاڙ مير جي موسيقيءَ کي هندستان جي وزير اعظم راجيو گانڌي هٿي ڏني ۽ اُن موسيقيءَ کي سموري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. اُن ڪم ۾ اُستاد ڀڳڙو خان بہ شامل ٿيو ۽ هُن راجستان جي هڪڙي ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ طرفان ڪيترائي البم رليز ڪيا. اُستاد ڀڳڙي خان جي گائڪيءَ ۾ استاد خير محمد خان وارو ساڳيو لاءُ سماءُ هو. هن تي ان جي گائڪيءَ ۾ اثر نمايان هو. اُستاد ڀڳڙي خان جو هڪڙو گيت ”ڏورو“ بين الاقوامي سطح تي ۽ سنڌ ۾ پڻ تمام گهڻو مقبول ٿيو. ”ڏورو“ سنڌ جي مشھور موسيقار لعل بخش خان، فوزيہ سومرو کان پڻ ڳارايو، جيڪو پڻ مقبول ٿيو. ڀڳڙي خان کي هند جو وڏي ۾ وڏو اوارڊ ”پدم ڀوشن“ پڻ مليو، جيڪو خانصاحب بڙي غلام علي خان کي بہ مليو هو. اُستاد ڀڳڙو خان بين القوامي سطح تي بہ گهڻو مقبول ٿيو. انگريز فرمائش تي سندس گروپ کي گهرائيندا هئا. سندس گروپ ۾ نهال، صديق ۽ محمد هاشم ٻوڌر سندس خاص ساٿي هئا. هيءُ آمريڪا ۾ هڪ پروگرام ۾ ويل هو، جتي گئس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب باھہ لڳي، جنهن ۾ پاڻ شديد زخمي ٿي پيو ۽ اُتي ئي هڪڙي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس تدفين ضلعي ٻاڙ مير، هندستان ۾ ئي ڪئي وئي.


لفظ ڀڳڙو خان جيڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو