ڄئيرو

ڄئيرو: هي گانگٽ جو قسم آهي، جيڪو سمنڊ ۾ پلجي ٿو. جڏهن سنڌو درياھہ کي پليون ڪو نہ هيون، تہ ڄئيرو سکر تائين مرندو هو. هن کي کاري وارا سانو ۽ درياھہ جو گڊَڙ، يعني ’درياھہ جو ڪينئون‘ بہ چوندا آهن. هي ڄـائـرو ۽ ڄهـري جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو. هي گانگـٽـن ۾ وڏو گانـگـٽ ٿئي، سندس ڊيگهہ اڌ فوٽ، رنگ ڳاڙهو ۽ وزن اڌ پاءُ يا ان کان بہ مٿي ٿي سگهي ٿو. ڄئيرو کائڻ ۾ وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو، جو سندس گوشت پڪو آهي. هن ئي نالي سان سمنڊ ۾ لوئر ڪٽنب جي مڇين مان هڪ مڇيءَ جو نالو آهي، جيڪا ننڍين مڇين ۾ شمار ٿئي. جنهن جي ڊيگهہ اڌ فوٽ کن ٿيندي آهي.


لفظ ڄئيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو