
ڄاموٽ سيد حاجي جلال شاهه
ڄاموٽ سيد حاجي جلال شاھہ: سـيـد حـاجـي جــلال شـاھہ ولـد سيد علي شير شاھہ ڄاموٽ جراڙ پوٽا ساداتن جي موجودہ پڳدار الحاج سيد خدا ڏني شاھہ ڄاموٽ جو ننڍو ڀاءُ ۽ نامور سياسي سماجي ڪارڪن آهي. هن سياسي زندگيءَ جو آغاز 1979ع ۾ ڪيو ۽ پهريون ڀيرو مڪاني چونڊن ۾ ڪائونسلر چونڊيو ويو. 1987ع واري لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻڻ بعد ٽائون ڪميٽي مٽياري جو چيئرمئن چونڊيو ويو. جڏهن 1988ع ۾ حيدرآباد ۾ لساني فساد ٿيا هئا تہ سڄي سنڌ ۾ زخمين جي سهائتا لاءِ امدادي ڪيمپون لڳايون ويون. ان سلسلي ۾ جلال شاھہ پڻ وس آهر خدمت ڪئي. هيءُ 1996ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) گروپ پاران صوبائي سيٽ لاءِ اميدوار بيٺو، پر ڪامياب نہ ٿيو. هيءُ 24 جولاءِ 1998ع تي سنڌ دشمن ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي جي خاتمي لاءِ ٺهيل مـٽيـاري ايڪـشـن ڪميـٽيءَ جـو بانـي چيئرمئن چونڊيو ويو. اها ايڪشن ڪميٽي شھر جي سگهارن سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو اتحاد هئي، جيڪا اڳتي هلي سڄي تعلقي جي عوام لاءِ هڪ اهم سماجي تنظيم جو درجو اختيار ڪري وئي. ان ڪميٽيءَ کي ڪامياب ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. مٽياري شھر جي ترقي ۽ عوام جي فلاح ۽ بھبود جي سلسلي ۾ سندس ڪيل خدمتون ساراھہ جوڳيون آهن. هيءُ آڪٽوبر 2002ع ۾ فنڪشنل مسلم ليگ پاران صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو.