ڄاموٽ، سيد حسن علي: خانبهادر سيد حسن علي ولد سيد محمد علي شاھہ ڄـامـوٽ، 1849ع ڌاري مـٽيـاريءَ ۾ ڄـائـو. پـاڻ ابـتـدائـي تـعـليـم (سـنڌي ۽ فارسي) مختلف مدرسن مان ورتائين. تعليم جي حصول کان پوءِ هي پنھنجي زمينداري ۽ ڪاروبار هلائڻ لڳو. سندس زمين ويھہ هزار ايڪڙ هئي. هيءُ پنھنجي علائقي جو وڏو زميندار هو. سرڪاري عملدارن سان سٺي دوستي هئس. انگريز سرڪار کيس سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ ڪري رکيو. انگريز سرڪار کيس خانبهادر جو خطاب ڏنو. هي هڪ وڏو مهمان نواز سخي ۽ رحمدل شخص هو. آنرري مئجسٽريٽ هئڻ جي دوران بہ پاڻ ڪنهن بہ ماڻهو کي سزا ڪو نہ ڏنائين. نواب غيبي خان جي خاندان سان پراڻي دوستي هئس. سندس وڏو ڏاڏو سيد جيئندل شاھہ هو. سنڌ جو آخري ٽالپر فرمانروا مير نصير خان ٽالپر سندس وڏو عقيدتمند هو. ٻئي پاسي نواب سر غيبي خان جو وڏو ڏاڏو نواب ولي محمد خان ٺوڙهو جنگي ميرن جو سخت مخالف هو. ميرن جي مخالفت هوندي بہ جيئندل شاھہ، نواب چانڊيي جو ويجهو دوست هو. ان کان پوءِ سيد جيئندل شاھہ جي فرزند سيد محمد علي شاھہ بہ ان دوستيءَ کي برقرار رکيو آيو. ان کان پوءِ سندس وڏي ڀاءُ سيد جيئندل شاھہ ثاني بہ ساڳيو طور طريقو اختيار ڪيو. سيد جيئندل شاھہ کي اولاد ڪو نہ هو. هيءُ بنا اولاد جي وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ خان بھادر سيد حسن علي شاھہ بہ وڏن جي نقش قدم تي هلي چانڊين جي سردارن خاص طور نواب غيبي خان سان دوستيءَ جي فرض کي سھڻي نموني نڀايو.
خـانبهـادر سـيـد حـسـن عـلـي شـاھہ ڄـاموٽ، 3 مارچ 1925ع تي وفات ڪري ويو.