
ڄاموٽ، شفقت حسين شاهه
ڄاموٽ، شفقت حسين شاھہ: مشھور سياستدان سيد شفقت علي شاھہ ڄاموٽ مٽياريءَ جي موسيٰ پوٽن سيدن مان آهي. سندس والد موسيٰ پوٽن سيدن جو پڳدار هو، جنهن جي وفات کانپوءِ هن جي وڏي ڀاءُ سيد ذوالفقار علي شاھہ ڄاموٽ کي پڳ ٻڌرائي وئي. سندس خاندان سياست ۾ پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي صحتمند ڪردار ادا ڪندو اچي ٿو. سيد شفقت علي شاھہ ڄاموٽ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان زولاجي ڪيمسٽريءَ ۾ 1966ع ۾ ماسٽرس ڪيائين ۽ 1968ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ پڻ ماسٽرس ڪيائين. ان کان پوءِ 1977ع ۾ آمريڪا جي ورجينيا يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر سيد شفقت علي شاھہ ڄاموٽ 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ صوبي جو وزير تعليم رهيو. ان کان پوءِ 1990ع ۾ ڄـام صـادق عـلـي جـي دؤر حڪـومت ۾ صوبائي صلاحڪار پڻ رهيو. بعد ۾ جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ زراعت جو وفاقي وزير ٿيو ۽ ڪالاباغ ڊئم جي مسئلي تي اختلاف رکندي استعيفا ڏئي، سنڌ دوستيءَ جو ثبوت ڏنائين. هن ضلعي مٽياريءَ جي ترقيءَ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ سدائين جدوجھد ڪئي. مٽياري شھر جي ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏياريائين ۽ مونوٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ منظور ڪرايائين. ڊاڪٽر سيد شفقت علي شاھہ، مٽياري شھر سان گڏ سڄي ضلعي ۾ اسڪول، روڊ، اسپتالون، بجلي ۽ پاڻي جي سهولت مهيا ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سماجي ۽ سياسي ڪمن ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو.