ڄام (ذات):

ڄام (ذات): هڪ ذات جو نالو آهي، ڄام لفظ جو استعمال لقب طور ’سما‘ حڪمرانن جي دور ۾ ٿيو، پر هيءُ لقب رڳو سما حڪمرانن لاءِ مخصوص ڪونهي. سما پراڻڪ انسائيڪوپيڊيا جي ص 341-342 تي لکيل آهي تہ سما، شري ڪرشن جي اولاد ۽ سندس گهر واريءَ جامبوتيءَ (ڄامڀوتيءَ) جي پيٽان ڄاول آهن. هيءَ عورت ڄام باوان جي ڌيءَ هئي، جيڪو شري ڪرشن واري زماني ۾ ڪڇ ڪاٺياواڙ جو راجا هو. مختصر تاريخ سنڌ جو ليکڪ سيد محب شاھہ ڄام لفظ بابت لکي ٿو ته، ڄام سنڌي ٻوليءَ ۾ پنھنجي قوم ۽ قبيلي جي سردار کي چئبو آهي، جيئن فارسيءَ ۾ ’بيگ‘ قوم جي سردار کي چئبو آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي سمن جي سلطنت بابت هڪ جامع ڪتاب لکيو آهي. ان ۾ ’ڄام‘ لفظ بابت لکي ٿو تہ: بادشاهي وڃڻ بعد سماٽ جي مختلف ذاتين ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي. اها سما ذات گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي، جن جا سردار ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ وغيرہ لقب سان سڏبا هئا، پر حڪومت وڃڻ کانپوءِ ننڍن قبيلن جا مک سردار شعرن بہ ڄام سڏائڻ لڳا. ڄام لفظ کي سنڌي چوڻين، پهاڪن ۽ ۾به ڪتب آندو ويو آهي، جيئن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌين جي اهڙي اوصاف ۽ خوبين واري لقب کي حضور صلي عليہ وسلم لاءِ تمثيلي طور استعمال ڪيو آهي:
’ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪريا ڪوٽ ڪفار.‘
يعني محمد صلي عليہ وسلم جي ڄمڻ سان ئي ڪفر/ لادينيت جا ڪوٽ، قلعا ڀڄي ڀري پيا. اهو ڄام لقب، لفظ شاھہ سائين، نبي سائين لاءِ تمثيلي طور استعمال ڪري سنڌي قوم جي ان لقب جي اهميت کي واضح ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو