ڄام آري: سنڌ جي تاريخ ۾ ڄام آريءَ جو ذڪر موجود آهي. شاھہ لطيف پڻ سسئي پنھون جي داستان ۾ آري، آري ڄام، آرياڻي ۽ آريجن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا ڪم آندو آهي. مثال طور: آن ڪي ويندا گڏيا، آرياڻي اِن پارا. (سر آبري، داستان پهريون، وائي: 2) آريءَ جو آتڻ ۾، پڇنديس پاڻ پهاڪو. (سر آبري، داستان چوٿون، وائي 2) آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، ٿورا ڏينھَ ٿئا، راتين روز وئا، عبث آريءَ ڄام ري. (سر معذور، داستان ستون، بيت 1) پر تؤنگ وارو آري ڄام ٻيو آهي. سنڌ بلوچستان ۾ آري ڄام جا آستانا يا مزارون ڪافي جاين تي آهن. آري پير جو هڪ آستانو يا مزار مول کان اتر طرف آهي. هڪ آستانو آنڌار جبل ۾ ان هنڌ آهي، جتي نئن سارونا آنڌار جبل مان ٻاهر نڪري ٿي. اڄڪلھہ اتي ڊيم ٻڌو ويو آهي. لاهوتي فقير اتي زيارت لاءِ پهچندا آهن. آري پير جي هڪ مزار لڪي جبل جي اولھہ ۾ ۽ جهانگارن کان ڏکڻ طرف آهي (حوالو: تحفة الڪرام). ان کان سواءِ مشھور شھر سن کان ڏکڻ طرف ميل ڏيڍ پنڌ تي آري پير جي قبر موجود آهي.