ڄام اوڍر سمو

ڄام اوڍر سمو: جهڙيءَ طرح دودي سان جنگ ڪرڻ کان پهرين ڪيترن ئي قبيلن جا سردار علاؤالدين جي فوج سان مختلف ميدانن تي جنگ وڙهيا ۽ پنهنجي جان ڏئي سرها ٿيا، اهڙيءَ طرح ڪڇ جي ڄام ابڙي جي سرڪردگيءَ ۾ به ڪيترائي جوڌا سر ڏئي سرها ٿيا. اهڙن سردارن ۾ ڄام اوڍر پٽ اوڍو سمو به هڪ هو. دودي جي مارجڻ کانپوءِ سومرن جون سامون ڪڇ ڏانهن وڃڻ دوران ڄام اوڍر جي علائقي ۾ پهتيون ته اوڍر اڳتي وڌي آيو ۽ انهن جي آجيان ڪندي سندن مهماني ڪيائين. ان وقت ڪيترائي نالي وارا سردار سومرن جي سامن کان پاسو ڪري رهيا هئا. اهو حال ڏسي اوڍر جي ماءُ اوڍر کي روڪيو ته تون سومرين جي دعوت نه ڪر، انهن کان پاسيرو رهه متان علاؤ الدين جي قهر ۾ اچي وڃين. ان تي اوڍر سندس ماءُ کي ورندي ڏني ته: ”تو ئي مون تي اوڍر نالو رکيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ٻين جا سور ۽ مسئلا پاڻ تي اوڍڻ وارو ۽ انهن کي منهن ڏيندڙ. مون تي انهيءَ نالي جو اثر پيو آهي. هاڻي آءٌ ان ڳالهه کان هٽي نه ٿو سگهان.“ اوڍر جي انهيءَ گفتگوءَ کي ڪنهن سگهڙ هن ريت شعر جو روپ ڏنو آهي:
اوڍر اوڍي سڀڪا، پر اوڍر اوڍ نه ڪاءِ.
نالا ٻيا کٽاءِ، جو اوڍر رکيئي مون ماءُ.
ان کان پوءِ هن سومرن/ سومرين جي مدد ڪئي ۽ کين دلاسو ڏيندي چيائين ته ابڙو ته پنهنجي جاءِ تي ابڙو آهي، پر آءٌ جيسين حيات آهيان، تيستائين اوهان جو وار به وِنگو ٿيڻ نه ڏيندس. تنهن کانپوءِ جلد ترڪ لشڪر اچي پهتو. ان سان جنگ جوٽيائين. قديم روايتن موجب ڄام اوڍر، علاؤالدين جي فوج سان مسلسل ڏهه ڏينهن ويڙهه وڙهيو ۽ يارهين ڏينهن جنگ جي ميدان ۾ سر ڏئي سرهو ٿيو.
اوڍر سخي به هو، مهمان نواز به هو ۽ سورهيه ۽ سرويچ به هو ۽ سندس انهيءَ خاصيت ۽ ڳڻن کي لطيف سائين هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
تُون اُوڍَرُ، تُون اوڍ ڪو، تون اَجھو تُون آڳُ،
هت پُڻ تنهنجو تَڪيو، مهند پڻ تُنهين ماڳُ،
سي لوڙهيون ڏين ڏين لاڳُ، جي اجهي آيون اَبڙي.
(مرزا ممتاز- شاهه جو گنج (جديد صورتخطي) سر بلاول: صفحو 472)


هن صفحي کي شيئر ڪريو