ڄـام اوڍو: تحـفـة الڪـرام ۾ ڄـاڻـايـل آهـي تہ: هـيءُ ڄـام اوڍي ڪيهر ۽ هوٿل نڱامڙيءَ واري لوڪ داستان جو مرڪزي ڪردار آهي. ڄام اوڍو سمو، ڄام منائيءَ جو پٽ هو. ڄام اوڍي کي مھڙ نالي هڪ ڀاءُ بہ هو. ڄام اوڍو شڪل ۾ تمام خوبصورت ۽ دلير جوان هو. سندس ڀاءُ مھڙ جي زال مٿس موهجي پئي هئي، پر هيءُ کيس انهيءَ خيال سان ڪڏهن بہ نہ ڏسندو هو. مھڙ جي زال مٿس ڌيان نہ ڏيڻ ڪري مٿس ساڙ کائيندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن اوڍي تي الزام هڻي هن کي ڏيھہ نيڪالي ڏياريائين. جنهن کانپوءِ هيءُ مامي ويسراءِ وٽ ڪڇ ۾ رهڻ لڳو. روايت آهي تہ پاڻ انهيءَ وقت ڀاءُ کان وير وٺڻ لاءِ ڪڪرالي ۾ پيو ڌڻ ڪاهيندو هو. هوٿل نڱامڙي نالي عورت، جيڪا پڻ تمام حسين هئي. سندس خوبصورتيءَ جي هاڪ ٻُڌي مٿس عاشق ٿي پئي ۽ مردن وارو لباس پائي اچي هن سان گڏ مال ڪاهڻ لڳي. هڪ دفعي هوٿل پنھنجي حصي ۾ آيل اڌ حصو کيس ڏئي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هنن وچ ۾ محبت پيدا ٿي ۽ ٻنهي پاڻ ۾ شادي ڪئي. کين جکري ۽ جيسل نالي پٽ ڄاوا. اوڍي هوٿل کي ڪڪرالي هلي رهڻ جو چيو، جنهن لاءِ هن شرط رکيو تہ هو اتي هلي ذات نہ ٻڌائيندو. اوڍي اهو شرط قبول ڪيو ۽ ٻئي وڃي ڪڇ ۾ رهڻ لڳا. ڄام اوڍي کان ڳالهين ۾ ڪنهن هوٿل جي ذات بابت پڇيو تہ هو نٽائڻ لڳو، تنهن تي ڪنهن کيس طعنو هنيو ۽ هن ڪاوڙجي هوٿل نڱامڙيءَ جو نالو ۽ ذات ٻُڌائي ڇڏي. اها خبر جڏهن سندس زال هوٿل کي پئي تہ هن اوڍي جي نالي هڪ چٺي لکي، جنهن ۾ لکيائين تہ: ”هاڻي آئون پنھنجي پٽن جي شاديءَ جي لانئن تي اينديس“. چٺي گهر ۾ ڇڏي هوٿل سندس غير مـوجـودگيءَ ۾ گهـر ڇڏي هـلـي وئي. اوڍي پوءِ جلد ئي پـٽـن جي شادي ڪرائي، جڏهن پٽن جي شاديءَ ۾ هوٿل آئي ته، هُن پنھنجي پٽن جي زالن سان تمام گهڻو پيار ڪيو ۽ کين چيائين تہ اوهان کي ڏاج ۾ ڇا ڏيان؟ تنهن تي اڳ ڪيل رٿا تحت سندس ننهن چيو تہ ”جتي نُنهون اتي سس“. اهڙي شرط تي هوءَ پنھنجي ضد تان لٿي ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڄام اوڍي وٽ رهي.
ڄام اوڍو عقل جو بہ داناءُ هو ۽ سندس بهادري ملڪ ۾ تمام گهڻي مشـهـور هئي. سندس پٽن مان جکــرو اڳـتـي هـلي ڪڪـرالي جـو مشهـور حاڪم ٿيو. (سنڌ جا عشقيہ داستان: ڄام تماچي).