ڄام اوڍو

ڄـام اوڍو: تحـفـة الڪـرام ۾ ڄـاڻـايـل آهـي ته: هـيءُ ڄـام اوڍي ڪيهر ۽ هوٿل نڱامڙيءَ واري لوڪ داستان جو مرڪزي ڪردار آهي. ڄام اوڍو سمو، ڄام منائيءَ جو پٽ هو. ڄام اوڍي کي مهڙ نالي هڪ ڀاءُ به هو. ڄام اوڍو شڪل ۾ تمام خوبصورت ۽ دلير جوان هو. سندس ڀاءُ مهڙ جي زال مٿس موهجي پئي هئي، پر هيءُ کيس انهيءَ خيال سان ڪڏهن به نه ڏسندو هو. مهڙ جي زال مٿس ڌيان نه ڏيڻ ڪري مٿس ساڙ کائيندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن اوڍي تي الزام هڻي هن کي ڏيهه نيڪالي ڏياريائين. جنهن کانپوءِ هيءُ مامي ويسراءِ وٽ ڪڇ ۾ رهڻ لڳو. روايت آهي ته پاڻ انهيءَ وقت ڀاءُ کان وير وٺڻ لاءِ ڪڪرالي ۾ پيو ڌڻ ڪاهيندو هو. هوٿل نڱامڙي نالي عورت، جيڪا پڻ تمام حسين هئي. سندس خوبصورتيءَ جي هاڪ ٻُڌي مٿس عاشق ٿي پئي ۽ مردن وارو لباس پائي اچي هن سان گڏ مال ڪاهڻ لڳي. هڪ دفعي هوٿل پنهنجي حصي ۾ آيل اڌ حصو کيس ڏئي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هنن وچ ۾ محبت پيدا ٿي ۽ ٻنهي پاڻ ۾ شادي ڪئي. کين جکري ۽ جيسل نالي پٽ ڄاوا. اوڍي هوٿل کي ڪڪرالي هلي رهڻ جو چيو، جنهن لاءِ هن شرط رکيو ته هو اتي هلي ذات نه ٻڌائيندو. اوڍي اهو شرط قبول ڪيو ۽ ٻئي وڃي ڪڇ ۾ رهڻ لڳا. ڄام اوڍي کان ڳالهين ۾ ڪنهن هوٿل جي ذات بابت پڇيو ته هو نٽائڻ لڳو، تنهن تي ڪنهن کيس طعنو هنيو ۽ هن ڪاوڙجي هوٿل نڱامڙيءَ جو نالو ۽ ذات ٻُڌائي ڇڏي. اها خبر جڏهن سندس زال هوٿل کي پئي ته هن اوڍي جي نالي هڪ چٺي لکي، جنهن ۾ لکيائين ته: ”هاڻي آئون پنهنجي پٽن جي شاديءَ جي لانئن تي اينديس“. چٺي گهر ۾ ڇڏي هوٿل سندس غير مـوجـودگيءَ ۾ گهـر ڇڏي هـلـي وئي. اوڍي پوءِ جلد ئي پـٽـن جي شادي ڪرائي، جڏهن پٽن جي شاديءَ ۾ هوٿل آئي ته، هُن پنهنجي پٽن جي زالن سان تمام گهڻو پيار ڪيو ۽ کين چيائين ته اوهان کي ڏاج ۾ ڇا ڏيان؟ تنهن تي اڳ ڪيل رٿا تحت سندس ننهن چيو ته ”جتي نُنهون اتي سس“. اهڙي شرط تي هوءَ پنهنجي ضد تان لٿي ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڄام اوڍي وٽ رهي.
ڄام اوڍو عقل جو به داناءُ هو ۽ سندس بهادري ملڪ ۾ تمام گهڻي مشـهـور هئي. سندس پٽن مان جکــرو اڳـتـي هـلي ڪڪـرالي جـو مشهـور حاڪم ٿيو. (سنڌ جا عشقيه داستان: ڄام تماچي).


لفظ ڄام اوڍوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو