ڄام بايزيد سمو

ڄام بايزيد سمو: جڏهن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ جو بادشاھہ بڻيو تہ هن سنڌ ۾ ابتريءَ واري نظام کي بلڪل ختم ڪيو، جنهن سبب ڄام بايزيد ڄام نظام الدين کان ناراض ٿي، سلطان حسين لانگاھہ وٽ ملتان ۾ وڃي پهتو. سندس تمام گهڻي عزت ۽ تعظيم ٿي ۽ ڄام بايزيد جي ڪري ئي ڄام ابراهيم کي پڻ عزت ۽ تعظيم ملي. سلطان حسين لانگاھہ پنهنجن علائقن مان شورڪوٽ جو علائقو ڄـام بايزيد ۽ اُچ جـو عـلائقـو ڄام ابراهيم جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ’سمن جي سلطنت‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ڄام سنجر کانپوءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ جو والي بڻيو. نامور محقق مولائي شيدائيءَ، ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد کي ڄام نندي جا ڀائر لکيو آهي. حقيقت ۾ هي ٻئي درٻاري امير هئا ۽ انهن جو شاهي خاندان سان ڪو بہ واسطو نہ هو. ڄام نندي جي دؤر ۾ ڄام بايزيد نـاراض ٿي سـلـطـان حسـين لانگاھہ وٽ مـلـتان پهـتو، جـتي حـسين لانگاھہ ڄام بايزيد کي جاگيرون ۽ اهم عهدا ڏنا. ڄام بايزيد ملتان ۾ مدرسن جو بنياد رکي عالمن اديبن ۽ شاعرن جي سرپرستي ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو