ڄام تماچيءَ جي ماڙي: سمن جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي تخت ڌڻي ڄام تماچيءَ جي نالي سان مشھور هيءَ ماڙي ڪينجهر ڍنڍ جي ڏکڻ اوڀر ۾ انڊس هاءِ. وي جي اوڀرندي ڪناري تي موجود ٽڪريءَ تي واقع آهي. پٿرائين جاءِ جي صورت ۾ هڪ ڪمري تي مشتمل هيءَ عمارت جنهن کي ڪي محقق ڄام تماچيءَ جو محل بہ ڪوٺين ٿا. هن کي اوڀرندي طرف کان دروازو آهي ۽ پوئين پاسي ۾ وشال ڪينجهر ڍنڍ اٿس. هيءَ عمارت جوڙجڪ ۾ گهڙيل پٿر مان چورس شڪل ۾ ٺهيل آهي، جنهن جي ڪل ماپ 20.4x20.4 فٽ آهي. فرش کان ڇت تائين 9 فٽ اوچي آهي ۽ 8 فوٽن جا پاوا اٿس. عمارت جي دروازي جي چانئٺ وٽ پنجن ڏاڪن جا نشان پڻ آهن، جنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو تہ هن سان گڏ وڌيڪ حصو بہ هو، جيڪو وقت گذرڻ سان مسمار ٿي ويو. عمارت جون ڀتيون سوا ٽي فُٽ کان پوڻا چار فٽ ويڪريون آهن. اولھہ ۽ اوڀر وارين ڀتين ۾ درين جا نشان آهن، جيڪـي ڪـينجهـر ڍنـڍ طـرف کلـنديـون هيون. عمارت تي ظاهري طرح ڪي بہ گنبذ جا نشان ڪو نہ آهن. هن عـمارت جي اوڀر- اتر ۾ ڪجهہ قبرون ۽ ڪن ڇٽين جا نشان پڻ آهن، پر ماهرن جو خيال آهي تہ اهي هن ماڙيءَ جي اڏاوت کان پـوءِ جـون آهـن. جيتوڻيڪ هـيءَ عمـارت هيـنئر خـسته حالت ۾ بي يارو مددگار پيل آهي، تڏهن بہ سنڌ جي زندہ جاويد ماضيءَ جو يادگار ضرور آهي.