ڄام تماچي انڙ

ڄام تماچي انڙ

ڄام تماچي انڙ

ڄام تماچي انڙ: پ. پ اڳواڻ سردار ڄام تماچي اُنڙ، مشھور سماجي ۽ سياسي اڳواڻ، سماٽ قبيلي جي سردار فقير رئيس رسول بخش اُنڙ جو فرزند آهي. سندس جنم موجودہ دولتپور تعلقي، ضلعي نوابشاھہ (موجودہ بينظيرآباد) ۾ 16 آگسٽ 1954ع تي ٿيو. هن بي. اي تائين تعليم نوابشاھہ مان حاصل ڪئي. سندس والد پهرين مارچ 1970ع تي، پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي، اُن موقعي تي هڪ تاريخي اجتماع ٿيو هو.
سردار ڄام تماچيءَ سياست جي شروعات 1982ع کان ڪئي ۽ پاڪستان جو ننڍي ۾ ننڍو مجلس شوريٰ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1984ع ۾ اقوام متحدہ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين ۽ اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندڙن ۾ سڀ کان ننڍيءَ عمر وارو مقرر هو.
سردار تماچي انڙ'>ڄام تماچي انڙ 1985ع ۾، محمد خان جوڻيجي (وزيراعظم) جي دور ۾ سنڌ مان سينيٽ جو ميمبر چونڊيو، ۽ ان وقت پاڪستان جي تاريخ جو ننڍيءَ عمر وارو پهريون سينيٽر هو. 1988ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم. پي. اي چونڊيو. 1996ع ۾ ٻيو ڀيرو اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ ۾ شرڪت ڪيائين. 2002ع جي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. اهڙيءَ طرح 2008ع جي چونڊن ۾ پي. ايس. 28، نوابشاھہ-5 تان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائڻ وارن ميمبرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. گذريل ڪجهہ سالن کان سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ (PAC) جو چيئرمئن آهي.
سردار ڄام تماچي گذريل 30 سالن کان پنھنجي علائقي ۾ مفت اکين جي ڪئمپن لڳائڻ، غريب بيمارن جي علاج ڪرائڻ، يتيمن ۽ نادارن جي مدد ڪرڻ ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ اڳڀرو رهيو آهي.


لفظ ڄام تماچي انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.16  عيسوي

ڄام تماچي انڙ جو جنم موجوده دولتپور تعلقي، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ 16 آگسٽ 1954ع تي ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديو سڀاڻي
جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
سنت سُروپداس
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
امين کوسو
ڀواني شنڪر
البرٽ ڪامئو
تسليما نسرين
جگجيت سنگهہ
ڊنشا دستور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون