ڄام توڳاچي: خيرالدين ڄام توڳاچي، علاؤالدين ڄام جوڻي (اول) جو پٽ ۽ ڄام فيروزالدين انڙ (سمن جو پهريون حاڪم) جو ڀائٽيو هو. 1368ع ۾ ڄامن ۽ تغلقن ۾ جڏهن ٺاھہ ٿيو، تڏهن هيءُ پنھنجي سئوٽ رڪن الدين شاھہ ڄام تماچيءَ سان گڏ سنڌ جو حڪمران بڻيو. ڄام توڳاچي پنھنجي پيءُ ڄـام جـوڻي وانگـر سـلطـنت دهليءَ جو حامي هو. جــڏهـن تہ سـنـدس سـئوٽ ڄام تماچي دلير، وطن دوست ۽ دهلي مخالف جذبا رکندڙ سلطان ثابت ٿيو. ان پس منظر ۾ دهلي سلطنت ٻنهي حڪمرانن کي هٽائي، دهليءَ ۾ نظربند ڄام جوڻي کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو. ان طرح ڄام توڳاچيءَ جو اقتداري شراڪت جو دور پورو ٿيو. هيءَ تبديلي 1370ع ۾ پيش آئي.