ڄام جمالي: لاڙڪاڻي واسي ڄام جمالي انگريزي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ ۽ ترجمي سان پنھنجي سڃاڻپ ٺاهي، هن ڳوٺ شاھہ بيگ جماليءَ ۾ 1959ع ڌاري هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. غربت جي باوجود تعليم سان دلچسپي رکي ۽ تعلي حاصل ڪندو رهيو. غربت سبب ننڍپڻ ۾ ٻڪريون بہ چاريندو هو پر ان دوران بہ ڪتاب پڙهندو رهيو ۽ ڪٿي بہ تعليمي عمل کان پاڻ کي پري ٿيڻ نہ ڏنو، هن ايم. اي (اڪانامڪس) تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هن شروع ۾ سي. ايس. ايس امتحان جي تياري ڪئي پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو. ڄام جمالي هن وقت گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي ۽ گڏو گڏ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري پڻ آهي. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم جو قيام عمل ۾ آندو، ان تنظيم جي ذريعي نہ رڳو ڳوٺ ۾ گرلس پرائمري اسڪول کولرائڻ سميت ٻين بنيادي سهولتن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪئي. افغانستان ۾ هڪ ڏهاڪي تائين قيد ڪيل علائقي جي هڪ نوجوان شفيع محمد لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين عملدارن سان لک پڙھہ ڪري کيس آزاد ڪرايو. ان سان گڏ راڌڻ ڀرسان لاشاري ڳوٺ جو هڪ نوجوان محمد حسن جلباڻي سعودي عرب ۾ هيروئن وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ جيل ويل هو ۽ کيس ڦاهيءَ جي سزا آيل هئي تہ هن لاءِ بہ ڄام جماليءَ سعودي حڪومت سان ڏيهي ادارن معرفت مسلسل لکپڙھہ ڪرائي نہ رڳو پهريان ان جي ڦاهيءَ واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرائي، پر پوءِ اها سزا بہ ختم ڪرائي نوجوان کي آزاد ڪرايو. ڄام رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ جي اتساهڻ تي لکڻ شروع ڪيو. 2010ع ۾ سنڌ اندر آيل وڏي تباهيءَ بابت ڄام جمالي My Sindh نظم لکي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي. مون ڏانهن اپيل اماڻي، اهڙيءَ طرح هن ٿر جي مورن جي بيماريءَ تي بہ لکيو. ڄام جمالي انگريزيءَ ۾ 250 کان وڌيڪ شعر سرجيا آهن. ان سان گڏ هن شاعر محمد علي پٺاڻ جي 125 شعرن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري Fluttering Feelings (اندر جا اُڌما) جي نالي سان ڪتاب ڇپايو آهي. هن ٻين مختلف سنڌي توڙي اردو ٻوليءَ جي شاعرن جي شاعريءَ جو بہ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.