ڄام جوڻو

ڄام جوڻو: ’مڪلي نامہ‘ ۾ مير علي شير قانع ڄاڻائي ٿو تہ: ڄام جوڻو ڄام بابيني جو پٽ هو. ڄام فيروز الدين ’انڙ‘ جي وفات (1353ع) کانپوءِ ڄام صدرالدين ’بابينو‘ ۽ علاؤالدين ڄام جوڻواول‘ گڏجي سنڌ جا حڪمران ٿيا. هي پاڻ ۾ چاچو ۽ ڀائٽيو هئا. محمد تغلق سونڊا وٽ فوت ٿيو، تڏهن فيروز تغلق هن جو جاءِ نشين بنيو. ٻنهي ڄامن 1368ع تائين 15 سال حڪومت ڪئي. ان وچ ۾ فيروز تغلق ٽي ڀيرا ٺٽي تي حملا ڪيا، پر هن کي فوجي ڪاميابي حاصل نہ ٿي. آخرڪار اڄ جو مخدوم جھانيان گشت ٺٽي آيو ۽ تغلقن ۽ ڄامن ۾ ٺاھہ ٿيو. ان طرح ڄام بابيني ۽ ڄام جوڻي جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٻنهي کي دارالحڪومت دهليءَ ۾ هلي رهڻو پيو. ٺاھہ موجب سنڌ جي گاديءَ تي رڪن الدين شاھہ ڄام تماچي ۽ خيرالدين ڄام توڳاچي گڏجي حڪومت تي ويٺا. ڄام تماچي آزادي پسند ۽ دهلي مخالف ثابت ٿيو. سنڌ جا هي ٻئي گڏيل حڪمران پاڻ ۾ سؤٽ هئا. دهليءَ ۾ رهندي ڄام جوڻي دهلي سلطنت جو اعتماد حاصل ڪري ورتو. ان ڪري ٻن سالن کان پوءِ 1370ع ۾ ڄام جوڻو دهليءَ مان موٽي ٺٽي آيو. ڄام تماچيءَ کي دهلي موڪليو ويو، جتي هو پنھنجي ڀاءُ ڄام بابيني سان گڏ رهڻ لڳو. ڄام جوڻو ٻيو ڀيرو 18 سال سنڌ جو حڪمران رهيو. فيروز تغلق 1388ع ۾ فوت ٿيو. دهليءَ ۾ نظربند ٻہ ڀائر ڄام بابينو ۽ ڄام تماچي سنڌ ملڪ ۾ موٽي آيا. هي خبر ٻُڌي مڪليءَ جي صوفي شيخ حماد هيءُ بيت چيو:
جــوڻـو مــت اوڻــو آءُ تـماچــي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهہ پئـي، تـو سيـن ٺـٽــو راءُ.
ڄام جوڻي مجموعي طرح 18 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن پنھنجي حڪمرانيءَ واري وقت ۾ فارسي سرڪاري ٻوليءَ طور نافذ ڪئي ۽ پهريون ڀيرو درٻار ۽ تعليم تدريس ۾ پڻ هن ڌارِي زبان کي اختيار ڪيو ۽ ان کي غلبو ڏياريو. هن جي زماني ۾ پوري سنڌ اندر بغاوتون ٿينديون رهيون ۽ سنڌي ماڻهن پنھنجي هن گِيدي حاڪم خلاف هر طرح سان مهاڏو اٽڪايو ۽ وطن فروشي ڪرڻ تان پنھنجي ڪروڌ جو اظهار ڪيو، پر فوجي قوت سان هر اڀرندڙ بغاوت کي دٻايو ويو. هن جي حڪومت دوران فيروز تغلق جو موت ٿيو، دهلي سلطنت جي منتشر ٿيڻ سان هن جي حڪومت پڻ ڪمزور ٿي ۽ ڄام تماچي دهليءَ مان آزاد ٿي سنڌ پهتو، جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر راڄ ڀاڳ جي منشا مطابق حڪومتي منسب تي ويٺو، ڄام جوڻي جي حڪمراني ختم ٿيڻ بعد فارسي زبان کي بہ نيڪالي ملي ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ سرهائي آئي.


لفظ ڄام جوڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو