ڄام جوڻو: ’مڪلي نامه‘ ۾ مير علي شير قانع ڄاڻائي ٿو ته: ڄام جوڻو ڄام بابيني جو پٽ هو. ڄام فيروز الدين ’انڙ‘ جي وفات (1353ع) کانپوءِ ڄام صدرالدين ’بابينو‘ ۽ علاؤالدين ڄام جوڻو ’اول‘ گڏجي سنڌ جا حڪمران ٿيا. هي پاڻ ۾ چاچو ۽ ڀائٽيو هئا. محمد تغلق سونڊا وٽ فوت ٿيو، تڏهن فيروز تغلق هن جو جاءِ نشين بنيو. ٻنهي ڄامن 1368ع تائين 15 سال حڪومت ڪئي. ان وچ ۾ فيروز تغلق ٽي ڀيرا ٺٽي تي حملا ڪيا، پر هن کي فوجي ڪاميابي حاصل نه ٿي. آخرڪار اڄ جو مخدوم جهانيان گشت ٺٽي آيو ۽ تغلقن ۽ ڄامن ۾ ٺاهه ٿيو. ان طرح ڄام بابيني ۽ ڄام جوڻي جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٻنهي کي دارالحڪومت دهليءَ ۾ هلي رهڻو پيو. ٺاهه موجب سنڌ جي گاديءَ تي رڪن الدين شاهه ڄام تماچي ۽ خيرالدين ڄام توڳاچي گڏجي حڪومت تي ويٺا. ڄام تماچي آزادي پسند ۽ دهلي مخالف ثابت ٿيو. سنڌ جا هي ٻئي گڏيل حڪمران پاڻ ۾ سؤٽ هئا. دهليءَ ۾ رهندي ڄام جوڻي دهلي سلطنت جو اعتماد حاصل ڪري ورتو. ان ڪري ٻن سالن کان پوءِ 1370ع ۾ ڄام جوڻو دهليءَ مان موٽي ٺٽي آيو. ڄام تماچيءَ کي دهلي موڪليو ويو، جتي هو پنهنجي ڀاءُ ڄام بابيني سان گڏ رهڻ لڳو. ڄام جوڻو ٻيو ڀيرو 18 سال سنڌ جو حڪمران رهيو. فيروز تغلق 1388ع ۾ فوت ٿيو. دهليءَ ۾ نظربند ٻه ڀائر ڄام بابينو ۽ ڄام تماچي سنڌ ملڪ ۾ موٽي آيا. هي خبر ٻُڌي مڪليءَ جي صوفي شيخ حماد هيءُ بيت چيو:
جــوڻـو مــت اوڻــو آءُ تـماچــي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئـي، تـو سيـن ٺـٽــو راءُ.
ڄام جوڻي مجموعي طرح 18 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن پنهنجي حڪمرانيءَ واري وقت ۾ فارسي سرڪاري ٻوليءَ طور نافذ ڪئي ۽ پهريون ڀيرو درٻار ۽ تعليم تدريس ۾ پڻ هن ڌارِي زبان کي اختيار ڪيو ۽ ان کي غلبو ڏياريو. هن جي زماني ۾ پوري سنڌ اندر بغاوتون ٿينديون رهيون ۽ سنڌي ماڻهن پنهنجي هن گِيدي حاڪم خلاف هر طرح سان مهاڏو اٽڪايو ۽ وطن فروشي ڪرڻ تان پنهنجي ڪروڌ جو اظهار ڪيو، پر فوجي قوت سان هر اڀرندڙ بغاوت کي دٻايو ويو. هن جي حڪومت دوران فيروز تغلق جو موت ٿيو، دهلي سلطنت جي منتشر ٿيڻ سان هن جي حڪومت پڻ ڪمزور ٿي ۽ ڄام تماچي دهليءَ مان آزاد ٿي سنڌ پهتو، جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر راڄ ڀاڳ جي منشا مطابق حڪومتي منسب تي ويٺو، ڄام جوڻي جي حڪمراني ختم ٿيڻ بعد فارسي زبان کي به نيڪالي ملي ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ سرهائي آئي.