ڄام جکرو

ڄام جکرو: هيءُ سمن جي ڪيهر خاندان مان هو. سندس پيءُ جو نالو اوڍو هو. هوٿل پري سندس ماءُ هئي، انهيءَ ڪري جکري هوٿياڻي طور مشھور هو. معمور يوسفاڻي ’سر بلاول جا تاريخي ڪردار ۽ واقعا‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”هو پارڪر ۽ پائر جي علائقي جو رهندڙ هو ۽ آسپاس جي ٽڪرين تي حاڪم هو. سندس تخت گاھہ پراڻ ويجهو هاڪڙي درياھہ جي ڪناري ’پاتا‘ جي نالي سان شھر ۾ هو.“
شاھہ جي رسالي ۾ ڄام جکري بابت ڪجهہ بيت ملن ٿا، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
جکرو جوڙي، پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو،
ڪيهَرَ جيئن ڪَر کڻيو، مل مڇون موڙي،
سَمُنڊ جيئن سِيرَ ڪئو، ٿو ٻار جيئن ٻوڙي،
ڄام جکرو اوڍاڻو، پارڪر ۽ پائر جو حاڪم ۽ سخاوت ۾ مشھور هو. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۾ سندس ساراھہ ۾ چيو آهي:
سمي ساماڻي، چنتا لٿي چارڻي،
جنهن ڇنا ڇانئي ڇڏيا، ڪارڻ ميهماڻي،
اهڙي اهڃاني، هوٿل ڄائو جکرو.
جکري جي حاڪميت وقت سندس تختگاھہ پراڻ درياھہ جي ويجهو هاڪڙي جي ڪناري تي پاتار شھر ۾ هو. جنهن جا آثار هن وقت ڏيپلي تعلقي جي کاڙڪ تپي ۾ آهن. ان کانسواءِ چوٽاڻ ۾ سندن عارضي تخت گاھہ بہ هو. هو تمام وڏو سخي هو. سندن در تان ڪڏهن بہ سوالي خالي نہ موٽيو. چوٽاڻ واري علائقي ۾ ڪيترائي آثار موجود آهن، جيڪي هن راهگيرن لاءِ اوتارا ۽ ٽِڪاڻا ٺهرايا هئا. جتي ڪيترائي ماڻهو ترسي آرام ڪندا هئا ۽ وٽن کاڌو کائيندا هئا. انهن خوبين جي تعريف ڪندي شاھہ لطيف فرمايو تہ:
منھہ مُني جکرو، تا مائن تاري،
پڇي سي پاري، جي عاجز اجورن ۾.


لفظ ڄام جکروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو