ڄام جکرو ڳھڙ راءُ

ڄام جکرو ڳھڙ راءُ: ڄام جکرو ڳھڙ راءُ سنڌ جي سخي سردارن مان ٿي گذريو آهي. هيءُ لاڙ جي پاتار بند جو رهاڪو هو ۽ پنھنجي دؤر جو مثالي سخي ڏاتار هو.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ، سر بلاول ۾ جکري وڳهڙ راءِ جي سخا جو ذڪر هن طرح آندو آهي تہ:
پيهي پِن پاتار ۾، جت ڳِڙَھہَ گنگا، جَرُ راءُ،
ڇڏي حِيلا هِنَ هَنڌََ جا، ٿي جِکري پاسي جاءُ،
اوڏو ٿيءُ کي، کاڄِ تَنهِين جو کاءُ،
سُکَنِ ايندُءِ ساءُ، ويلهِه ويندءِ وسري.
(شاھہ جو رسالو (الف- ب وار)، مرتب: ڊاڪٽر محمد عالم سومرو)


لفظ ڄام جکرو ڳھڙ راءُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو