ڄام خان چانڊيو

ڄام خان چانڊيو: ناليوارو سگهڙ خان چانڊيو'>ڄام خان چانڊيو، ڳوٺ ٻڍي خان چانڊيي، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ 1890ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي کان ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ بھرو وٺندو هو، جنهن سندس طبيعت ۾ شعر چوڻ لاءِ اُتساھہ پيدا ڪيو. هن سنڌ جي مقبول داستانن کي ڊگهن بيتن ۾ منظوم ڪيو. انهيءَ کان سواءِ نعت، منقبت، مناجات، مدح، مارئي جون ٽيھہ راتيون، سسئي جون ٽيھہ راتيون ۽ ٽيھہ اکريون توڙي مختلف سرن ۾ بيت ۽ ڪافيون چيون. ڄام خان جي ڪلام تي سندس همعصر شاعرسانوڻ فقير‘ جو گَهَرو اثر هو. سانوڻ فقير وانگر نوان ۽ اڇوتا لاڙي لفظ ۽ ذو معنيٰ قافيا پنھنجي ڪلام ۾ گهڻي قدر ڪم آندائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو