ڄام راهو

ڄام راهو: سنڌ جي حڪمران سمن جي نسل مان ڄام راهو، ڌيرڪ پرڳڻي جو حاڪم هو. هُن راڄڌاني سنڀالڻ کان پوءِ پنھنجي ڏاڏي ’ڄام انڙ‘ وانگر سخا جا در کولي ڇڏيا، جنهنڪري سڀني طرفن کان مڱتا ۽ سائل وٽس اچڻ لڳا، جن کي هو سندن سوالن پٽاندر خوش ڪندو رهيو. اهڙيءَ طرح ’ڏاتار‘ سڏجڻ لڳو.
ڄام راهوءَ کي نہ رڳو ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن ڳايو آهي ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻيو آهي، پر حضرت شاھہ لطيف بہ پنھنجي ڪلام ۾ سندس تذڪرو ڪيو آهي:
راهو! تنھنجي رِيتِ، پَرکَنڊين پڌرِي،
گهڻا گهوڙيِ چاڙَهيا، مـُسافِرَ مَسِيتِ،
پُڇيِ ڪانہ وِڏيِتِ، جي آئيا سي اَگِهيا.
(مرزا ممتاز- شاھہ جو گنج (جديد صورتخطي) سر بلاول صفحو 471)
مطلب تہ ڄام انڙ، ڄام سپڙ، ڄام وڪئي ۽ ڄام لاکي ڦلاڻيءَ کان پوءِ ڄام راهو اهڙو سخي ۽ ڏاتار هو، جو کيس ڄام جکري جي دور يعني پندرهين صدي عيسويءَ تائين بہ ادب ۽ احترام سان ياد ڪيو پئي ويو. ڄام راهو پنھنجي حڪومت کي اتر توڙي ڏکڻ کان اڳتي وڌائي ’نارو‘ ۽ ’کڙيو‘ پنھنجي حڪومت ۾ داخل ڪيو. جڏهن تہ اولھہ ۾ بڊام ۽ ٻيا پٽ بہ هن جي اثر هيٺ اچي ويا. ڄام راهوءَ کان پوءِ سندس پٽ ’ڄام داسڙو‘ گادي نشين ٿيو، جنهن ناري پٽ ۾ هڪ وڏو قلعو ٺهرايو، جنهن جا کنڊر ’شادي پلي اسٽيشن‘ جي لڳ اولھہ طرف، ريلوي لائين جي ڏکڻ ۾ هڪ دڙي جي شڪل ۾ هينئر بہ موجود آهن. جنهن دڙي مان ڪئين پراڻيون شيون لڀن ٿيون.


لفظ ڄام راهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو