ڄام راول: ڄام راول، ڄام لاکي جو پٽ هو، جيڪو 1535ع ڌاري ڪاٺياواڙ جي اترئين سامونڊي ڪناري تي حڪمراني ڪندو هو. ڀانن ۽ چارڻن جي روايتن موجب ڄام لاکي، پاواڳڙھہ، بھادر شاھہ، ۽ ٻين قلعن جو محاصرو ڪري، گجرات جي بادشاھہ کان 12 ڳوٺ قبضي ۾ آندا. جيئن ئي ڄام لاکو قبضو وٺڻ لاءِ ويو تہ کيس پنهنجن سوٽن: تماچي ۽ همير جاڙيجي رستي ۾ قتل ڪري ڇڏيو، پر ڄام لاکي جي پٽ راول ڪنهن نموني جان بچائي ۽ ڪڇ تي قبضو ڪري ورتائين. ڄام همير کي ٻہ پٽ هئا، هڪ جو نالو کنگهار ۽ ٻئي جو نالو صاحب جي هو. اهي بادشاھہ همايون مغل جي درٻار ۾ رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. همايون بادشاھہ سان شڪار ڪندي، هنن شينهن ماريو تہ بادشاھہ خوش ٿي کين ڪڇ تي چڙهائيءَ لاءِ فوج ڏني. جڏهن راول کي خبر پئي تہ ٻئي شھزادا شاهي فوج سان گڏ ڪڇ ڏانهن ڪاهيندا پيا اچن، تہ هن راتو رات ڪڇ ڇڏي ڄام تماچيءَ تي حملو ڪري کيس قتل ڪيو ۽ ترول جي شھر تي قبضو ڪيو. ترت هن سوراشٽر تي حملو ڪري ان کي بہ قبضي هيٺ آندو. هن ڄام نگر شھر جو بنياد 1540ع ۾ رکيو (ڏسو: ڄام نگر). ڄام راول 1548ع تائين سوراشٽر جو حڪمران رهيو ۽ پنھنجي چاچي همير کي 1537ع ۾ قتل ڪري ڪڇ تي قبضو ڪيائين.