ڄام سيف ﷲ ڌاريجو:

ڄام سيف ڌاريجو: پ پ پ اڳواڻ ڄام سيف ولد ڄام عبدالستار ڌاريجو، 7 جون 1962ع تي عادلپور، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿائين. سندس سياسي وابستگي شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي. پهرين چونڊ 1988ع ۾ وڙهيو، ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1990ع کان 1993ع تائين قومي اسيبمليءَ جو ميمبر رهيو. ان کانپوءِ 1997ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ايم. پي. اي ٿيو، 2002ع کان 2007ع تائين بہ پ پ جي ٽڪيٽ تان چونڊجي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع وارين چونڊن ۾ پي. ايس- 3، سکر- 3 (پنو عاقل تڪ) تان اليڪشن کٽڻ بعد صوبائي وزير مقرر ٿيو. ڪجهہ عرصو روينيو وزير بڻيو ۽ هن وقت آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير آهي. سندس ڀاءُ ڄام اڪرام ڌاريجو پڻ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.06.21  عيسوي

پ پ پ اڳواڻ ڄام سيف الله ولد ڄام عبدالستار ڌاريجو، 7 جون 1962ع تي عادلپور، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿائين. سندس سياسي وابستگي شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين تنيو ڊاڪٽر
حڪيم غلام رسول لاکو
جسڪاڻي محمد مٺل
جيڪي ڀاڳناڻي
حڪيم صلاح الدين سيوستاني
سڀاش چندر بوس
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا
اجمل ساوند ڊاڪٽر
جاويد قاضي
گوتم راٺي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون