ڄام سَپڙُ: ڄام سپڙ، لسٻيلي جو مشھور سخي سردار ٿي گذريو آهي، جنهن جي سخاوت تمام گهڻي مشھور هئي ۽ سندس در تان ڪڏهن بہ ڪو سائل خالي واپس نہ ويو. ڄام سپڙ لسٻيلي جي رونجها ڄامن جو فرد هو. ڄام چوٽا کان پوءِ سندس پٽ سَٻڙ ٻيلي جو حاڪم ٿيو. بهادريءَ ۽ سخا ۾ مشھور ٿيو. سنڌ جي اڪثر ڪلاسيڪل شاعرن هن جي گهڻي ساراھہ ڪئي آهي. ميين شاھہ عنايت ۽ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ڪلام ۾ ڄام سپڙ کي ڳايو آهي. معمور يوسفاڻيءَ پنھنجي ڪتاب ’ست سورهيه ڏھہ ڏاتار‘ ۾ هن کي ڄام سپڙ لکيو آهي. وڌيڪ لکي ٿو تہ سپڙ جو ڪردار ايترو تہ اهم آهي، جو هن کي سنڌ جي ڏهن ڏاتارن ۾ شامل ڪيو ويو آهي:
اَبڙو اگهامَن ۾، سَپُڙ جيئن ٻيلي،
سي پٽ ڪنهن نہ پوريا، جي ٿو ڀَر ُ ڀيلي،
سيد سانوڻ مينهن جيئن، رڃون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَن بورَ بخش ڀٽ-ڌڻي.
(مرزا ممتاز- شاھہ جو گنج (جديد صورتخطي) سر بلاول صفحو 474)