
ڄام صادق علي (سـيـاسـتدان )
ڄام صادق علي: نـاليــوارو سـيـاسـتدان ۽ ســنـڌ جـو اڳـوڻو وزيـراعليٰ ڄام صادق علي، 1935ع ڌاري موجودہ تعلقي ڄام نواز علي، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ڄام ڪانڀو خان بهادري، سخاوت ۽ سماجي خدمت جي حوالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هو. ان ڪري اڄ بہ سنڌ ۾ چوڻي موجود آهي تہ”تون ڪهڙو ڪانڀو خان آهين؟“ ڄام ڪانڀو خان ۽ سندس خاندان جو پنھنجي علائقي ۾ اڄ بہ وڏو اثر آهي.
ڄام صادق عليءَ پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1950ع واري ڏهاڪي ۾ بلدياتي چونڊن ۾ بيهڻ سان ڪئي. ان کان پوءِ هن مسلم ليگ (ڪنوينشن) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اولھہ پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ايوب خان جي حڪومت ۾ پهرين پارلياماني سيڪريٽري ۽ پوءِ مملڪتي وزير ٿيو. 1970ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان کان پوءِ هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي جي ڪابينا ۾ مڪاني ادارن جو وزير ٿيو. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ بہ ڄام صادق بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو وزير رهيو. 1977ع ۾ پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو. 1989ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ وطن واپس موٽي آيو ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ٿيو. جڏهن صدر غلام اسحاق خان، محترمہ بينظير ڀٽو (شھيد) جي حڪومت ختم ڪئي تہ ڄام صادق کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. 1990ع واريون چونڊون بہ کٽيون ۽ نوازشريف جي دؤر ۾ کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. هن جا وڏ وزارت دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سخت سياسي اختلاف رهيا. سندس دؤر ۾ الذوالفقار جي الزام هيٺ ڪيترا ڪارڪن گرفتار ٿيا. ڄام صادق علي کري ڳالھہ ڪرڻ ۾ مشھور هو ۽ جيڪو بہ فيصلو ڪرڻو هوندو هوس، سو ڪري ڏيکاريندو هو. پوءِ ان جا ڀلي ڪهڙا بہ مثبت يا منفي نتيجا نڪرن. ڄام صادق علي 1991ع ۾ وڏي وزير هئڻ واري دؤر ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سنڌ اسيمبليءَ مان بِل پاس ڪرائي، اُن جو قيام عمل ۾ آندو. 1992ع ۾ ڄام صادق علي شديد بيمار ٿي پيو، ۽ سيد مظفر حسين شاھہ کي بين الصوبائي رابطن جو انچارج بڻائي پنهنجا اڪثر اختيار ان جي حوالي ڪيائين. ڪابينا جي اجلاسن جي صدارت ڪرڻ کان وٺي پاليسي فيصلن جا اختيار سيد مظفر شاھہ حوالي رهيا. ان باوجود هيءُ پنھنجي عهدي تي برقرار رهيو ۽ ان عهدي تي موجودگيءَ دوران ئي، ڪينسر سبب ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ 5 مارچ 1992ع تي ڪراچيءَ ۾ پنھنجي رهائشگاھہ تي وفات ڪيائين. کيس سندس اباڻي ڳوٺ ڄام نواز عليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان، وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي گورنر محمود اي. هارون سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. کانئس پوءِ سيد مظفر حسين شاھہ کي 6 مارچ 1992ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو.
ڄام صادق علي جي اولاد مان ڄام معشوق علي پڻ مختلف وزارتن تي رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ سندس ڀائٽيو ڄام مدد علي ڪجهہ عرصو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو، جڏهن تہ هن وقت پيپلز پارٽيءَ سان مخلوط حڪومت سان وزير طور شامل آهي.
ڄام صادق عليءَ جي باري ۾ ڪافي لکيو ويو آهي. سنڌ جي تعليمي ماهر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، ڄام صادق عليءَ جي زندگي ۽ سياست تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب 1993ع ۾ لکيو هو. جنهن ۾ ڄام جي شخصيت، سوانح ۽ سياست جي ڪافي ڄاڻ ملي ٿي.