ڄام صلاح الدين سمو (1404-1392ع): ڄام صلاح الدين ’ڄام انڙ ثاني‘، پنھنجي پيءُ ڄام تماچيءَ کانپوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو، هن يارنهن سال سنڌ تي حڪومت ڪئي، هن جي ئي زماني ۾ امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو. تيمور جي جنگين ۾ لکين بيگناھہ هندستاني قتل ٿي ويا ۽ ننڍي کنڊ ۾ وڏي تباهي آئي. تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد ملتان تائين ڦرلٽ ڪئي. مير معصوم بکري لکي ٿو تہ: سنڌ هن تباهي ۽ برباديءَ کان مير ابوالغيث بکريءَ جي سفارش سبب محفوظ رهي. 1398ع ۾ شاھہ لطيف رح جو جد امجد سيد حيدر هرات کان هالا ڪنڊي پهتو. سيد حيدر سنڌ ۾ شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس اولاد متعلوي سيد سڏجڻ لڳو. امير تيمور جي حملي کان پوءِ دهلي سلطنت جو مڪمل خاتمو ٿي ويو ۽ هر طرف بغاوتون ۽ ڀڃ ڊاھہ ڏسڻ ۾ آئي. مير معصوم ڄام صلاح الدين جي دور کي هن طرح بيان ڪيو آهي: ”پهريائين سرحد جي معاملن ڏانهن متوجهہ ٿيو، جيڪي باغين جي سرڪشيءَ ڪري هيٺ مٿي ٿي ويا هئا. انهيءَ ٽوليءَ جي انتظام لاءِ هڪ لشڪر موڪليائين، آخر هن ٽوليءَ جي تاديب ۽ تنبيھہ کان پوءِ ڪڇ ڏانهن متوجهہ ٿيو. ڪڇي ماڻهن سان ڄام صلاح الدين جون سخت لڙائيون ٿيون، پر سڀئي جنگيون ڄام صلاح الدين کٽيون. ڄام صلاح الدين هڪ اهڙو حڪمران هو، جيڪو رعيت ۽ لشڪر ٻنهي جي چڱيءَ طرح پرگهور لهندو هو.“ هن يارهن سال ۽ ڪجهہ مهينا حڪومت ڪئي، جنهن کان پوءِ حڪمراني واري دؤر ۾ ئي انتقال ڪيائين، پر مقصود احمد قاضي، ڄام صلاح الدين لاءِ لکي ٿو تہ ڄام رائڌڻ کان پوءِ ئي ڪڇ جي جاڙيجن جو سنڌ جي درٻار ۾ باقاعدہ اچڻ وڃڻ شروع ٿيو. ان کان پوءِ ڄام صلاح الدين
جو رستو بہ ڪڇ جي جاڙيجن سان تمام سٺو رهيو. ايتري قدر جو راءِ ڀيم جيءَ سندس حمايت ۾ وڙهڻ لاءِ لشڪر بہ موڪليو. ان سلسلي ۾ مير معصوم بکري جي تحرير جو اقتباس هن طرح آهي تہ 927ھہ/ 1521ع ڌاري ڄام صلاح الدين سنڌ جي حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ جاڙيجن، سوڍن، سمن ۽ کنگهارن جو ڏهن هزارن تي مشتمل لشڪر وٺي آيو هو، ۽ سارنگ ۽ رڻمل سوڍي جي اڳواڻيءَ ۾ وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو. شاھہ حسن ارغون، شاھہ بيگ جي حڪم تي 14 محرم 927ھہ تي شال مان لشڪر وٺي روانو ٿيو. هن لشڪر 927ھہ (1521ع ڌاري) ٽلٽيءَ وٽ شاھہ حسن ۽ ڄام فيروز جي گڏيل فوج سان مقابلو ڪيو ۽ فتح حاصل ڪئي، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين جو پٽ هيبت خان مارجي ويو ۽ خود ڄام صلاح الدين بہ مارجي ويو. (حوالو: ٽه ماهي مهراڻ، 1-2/2008ع)