ڄام علاؤالدين جوڻو بن بابينو (ٻيو: 1388-1371): هيءُ پهريون ڀيرو ڄام تماچيءَ جي معزول ٿيڻ بعد سنڌ جو حڪمران بڻيو. ڄام تماچيءَ جيئن دهلي سلطنت کي خراج ڏيڻ بند ڪيو ته ڄام جوڻي ڌارين سان ٻِٽ ٿي، سندس حڪومت جو خاتمو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ڄام تماچي ۽ ڄام بابينو 1371ع کان 1388ع تائين دهليءَ ۾ نظربند رهيا. مير معصوم بکريءَ کان روايت آهي ته ڄام جوڻي خلاف سنڌ ۾ بغاوتن منهن ڪڍيو ۽ ان ناراضپي کي شاهي قوت جي مدد سان چيڀاٽيو ويو. هن ئي پهريون ڀيرو درٻار اندر ۽ سنڌتعليم تدريس لاءِ پارسي کي نافذ ڪيو. ان لاءِ کيس تاريخ وطن فروش ۽ گيدي قرار ڏئي ٿي. هيءُ ڄام تماچيءَ کان 773هه/1371ع ۾ دهلي سلطنت جي مدد سان حڪومت هٿ ڪرڻ بعد پوريءَ ريت دهلي سلطنت جي پاليسين تحت حڪمراني ڪندو رهيو. تڏهن شيخ حماد جماليءَ هن بابت بيت ڏنو ته:
جــوڻــو مــت اوڻــــو آءُ تـمـاچـــي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئي، تو سين ٺٽو راءُ.
هن مجموعي طرح 18 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن پنهنجي حڪمراني واري وقت ۾ فارسي ٻولي، سرڪاري ٻوليءَ طور نافذ ڪئي ۽ پهريون ڀيرو درٻاري لکپڙهه ۽ تعليم تدريس لاءِ پڻ هن ڌاري زبان کي اختيار ڪيو ۽ ان کي غلبو ڏياريو. هن جي زماني ۾ پوري سنڌ اندر بغاوتون ٿينديون رهيون ۽ سنڌي ماڻهن پنهنجي هن گيدي حاڪم خلاف هر طرح سان مهاڏو اٽڪايو ۽ وطن فروشي ڪرڻ تان پنهنجي ڪروڌ جو اظهار ڪيو. پر فوجي قوت سان هر اڀرندڙ بغاوت کي دٻايو ويو. هن جي حڪومت دوران فيروز تغلق جو موت ٿيو، دهلي سلطنت جي منتشر ٿيڻ سان هن جي حڪومت پڻ ڪمزور ٿي ۽ ڄام تماچي دهليءَ مان آزاد ٿي سنڌ پهتو. جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر راڄ ڀاڳ جي منشا مطابق ڄام تماچي حڪومتي منصب تي ويٺو. ڄام جوڻي جي حڪمراني ختم ٿيڻ بعد فارسي زبان کي به نيڪالي ملي ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ سرهائي آئي. ڄام علاوالدين جوڻو 1389ع مطابق 791هه ۾ وفات ڪري ويو.