ڄام فتح خان: هيءُ سما سلطنت جو يارهون ۽ اهم تخت ڌڻي ٿي گذريو آهـي. سـندس دؤر حڪـومـت 1413ع کان 1428ع تـائيـن رهيـو. مــؤرخـن ڄام فتح خان جي باري ۾ لکيو آهي تہ سندس حڪومت پندرهن سالن تائين رهي. ڄام فتح خان تخت سنڀالڻ شرط حڪومت جي قاعدن ۽ سلطنت جي ضابطن کي مضبوط ڪري سرڪاري معاملن ۾ ڏاڍي سجاڳي ۽ هـوشـياري ڏيکاري. سـنـدس سـخـاوت، بـهـادري ۽ مـروت مشـهـور هـئـي. ڄام فتح خان جي زماني ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻہ اهم واقعا ٿي گذريا. هن جي زماني ۾ منگولن سنڌو درياھہ ٽِپي دهلي ۽ ديبال پور تائين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي. هن دور ۾ 1414ع ۾ دهلي سلطنت تي ’سيد‘ خاندان قبضو ڪيو. سمن سلطانن ۾ ڄام فتح خان پهريون حاڪم هو، جنهن گجرات سان سياسي لاڳاپن سان گڏ سماجي تعلقات بہ قائم ڪيا. هن پنھنجي نياڻي ڄامزادي گجرات ۾ مخدوم جھانيان جي پوٽي قطب عالم (1388ھہ-1454ع) کي پرڻائي ڏني. سنڌين ۽ گجـراتيــن ۾ مٽـي مائٽيءَ جـو اهـو سـلسـلــو پوءِ گهڻو عرصو جاري رهيو. ڄام فتح خان 1428ع تي وفات ڪئي. (تحفة الڪرام ۽ تاريخ معصومي).