ڄام فيروز سمو

ڄام فيروز سمو: هيءُ سما سلطنت جو آخري بادشاھہ ۽ ڄام نظام الدين سمي عرف ڄام نندي جو پٽ هو. هيءُ پهريون ڀيرو 1508ع کان 1512ع تائين سنڌ جو تخت ڌڻي رهيو. ڄام نندي جي وفات وقت، ڄام فيروز اڃا ننڍي عمر جو هو، ان ڪري ڄام نندي جي هدايتن موجب سلطنت جا سڀ معاملا سنڌ جي سورهيه شھيد دولھہ دريا خان جي حوالي ٿيا. ٺٽي جي شهرين دولھہ دريا خان ۽ ڄام سارنگ جي فيصلي موجب ننڍي عمر جي ڄام فيروز کي سنڌ جو جائز حڪمران تسليم ڪيو. مير محمد معصوم جي مطابق ڄام فيروز جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهنڪري عيش عشرت کي لڳي ويو. گهڻو وقت اندر حرم ۾ رهڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو تہ مسخرا سندس مجلس ۾ هوندا هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي ذات وارا شھر جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. ڄام فيروز ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غلط پاليسي اختيار ڪئي، جنهن سبب دولھہ دريا خان ۽ ٻيا مکيہ صلاحڪار کانئس الڳ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سندس سلوڪ اطمينان جوڳو نہ رهيو. ان پس منظر ۾ سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان ڄام صلاح الدين ننگر ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مارچ 1512ع (محرم 918ھہ) ۾ سنڌ جي اميرن ۽ گجراتي لشڪر جي مدد سان هن سنڌ جي حاڪميت تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز ڪنهن جنگ کان سواءِ تختگاھہ کي خالي ڪري ويو. ان وقت هن جي حڪومت جو گاديءَ وارو هـنـڌ ٺـٽـو هو. هن جي غلط هلـت جي ڪري ڪمــزوريون پيدا ٿيـون ۽ دولھہ دريا خان ٺٽو ڇڏي وڃي ڳاها شھر وسايو ۽ مڪتب کوليائين. ان بعد پنھنجي والدہ کي ساڻ ڪري ڄام فيروز، دولھہ دريا خان وٽ ويو ۽ تخت ورائڻ لاءِ حڪمت عملين جوڙڻ جي اپيل ڪئي. اهڙيءَ ريت دولھہ دريا خان هن کي مانَ ڏيـندي، کـيس بکـر ۽ سـيوهـڻ مـان لـشڪر تيـار ڪري ٺٽي تي ڪاهي ويو، جنهن دوران ڄام صلاح الدين تخت ڇڏي گجرات ڀڄي وڃڻ تي مجبور ٿي ويو. اهڙيءَ ريت دولھہ دريا خان جي سرڪردگيءَ هيٺ فوج ٺٽي کي پنھنجي ضابطي هيٺ آڻي ورتو. ان بعد 12 آڪٽوبر 1512ع (پهرين شوال 918 ھہ) هڪ ڀيرو ٻيهر ڄام فيروز تخت ڌڻيءَ جي حيثيت سان ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ان خوشيءَ ۾ جشن ملهايا ويا. ٻيو ڀيرو حاڪم ٿيڻ بعد بہ ڄام فيروز درٻار جي شاطر وزيرن جي چالن کان پاڻ بچائي نہ سگهيو ۽ دولھہ دريا خان کي حڪومتي معاملن کان پري رکيائين. ان دوران هن پنهنجو سڪو پڻ جاري ڪيو، پر مسلسل لاپرواهين عيوض هيءُ سنڌ جي آزاد حيثيت کي بحال رکي نہ سگهيو. حڪومتي معاملن کان پري هوندي بہ سنڌ تي ڪاهي ايندڙ ارغونن جي لشڪر سان دولھہ دريا خان فوج ڪَٺي ڪري، وڏي بهادريءَ سان وڙهيو ۽ شھيد ٿي ويو. ان دوران لاهري بندر تي پورچوگيزي پنھنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي طرف مڪار وزيرن جي چوڻ تي هلي، هن ڪيبڪ ارغون کي ۽ سندس ماڻهن کي ٺٽي ۾ ترسايو، جن اڳتي هلي سنڌ تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو ۽ سنڌ ڌارين جي تسلط هيٺ اچي وئي.


لفظ ڄام فيروز سموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو