ڄام لاکو ڦلاڻي: ڄــام لاکــو ڦُلاڻــي، ســنـڌ جـو نامور سـورمـو ٿي گـذريو آهي. شاهه لطيف کيس سُر ڏهر ۾ ساراهيو آهي ۽ سنڌ جي سگهڙن لاکي ڦلاڻيءَ کي ’ستن سورهين‘ ۽ ‘ڏهن ڏاتارن‘ ۾ شمار ڪيو آهي. ڄام لاکو ڦلاڻي ڪڇ جي ڀُڄ واري علائقي جي مشهور سمي سردار ‘ڄام ڦل’ جو پٽ هو. سندس ماءُ جو نالو سونل ٻائي هو. ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جي رهائش وارو هنڌ ’شيخاڻي گهاڙي‘، شڪور ڍنڍ کان ڏهاڪو ميلن جي پنڌ تي آهي. هيءَ ڍنڍ 120 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ پراڻي وقت ۾ ساڱرو ڍنڍ، ريڻ ندي ۽ پراڻ هن ڍنڍ ۾ وهندا هئا. لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم بابت دوها ملن ٿا:
لاڇان لاکو جنميو، ٻارس وري ٻُڌ وار،
لاکو پوت سموند ڪو، ڦول گهر اوتار.
سنبت نو سئو ڇاهتر، ٻيج تِٿ ڪاتڪ ماس،
جس ڏڻ لاکو جنميو، سورج جوت پرڪاش.
[سهڻن لڇڻن وارو لاکو، سنبت نو سؤ ڇاهتر جي، ڪتي مهيني جي 12 تاريخ، ٻيج تِٿ جي سج اڀرڻ مهل ڄائو.] اهو سال عيسوي سن موجب 918ع ٿيندو.
تاريخي ماخذن موجب لاکو ڦلاڻي ڪڇ جي راءِ همير جو همعصر هو ۽ جاڙيجي حاڪم راءِ کنگهار جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. ڄام لاکو اڳتي هلي ’لوڙائو‘ (لوڙون هڻندڙ) بڻيو. ان بابت سگهڙن جي روايت آهي ته راءِ کنگهار هڪ مالدار ريٻارڻ تي عاشق هو، جنهن جي ڪري ريٻارين جو من وڌيل هو. هڪ ڀيري هنن ڄام لاکي جا خاص ماڻهو ’جسو‘ ۽ ’جسراج‘ ماري وڌا. راءِ کنگهار انصاف ڪرڻ بدران ڄام لاکي کي ئي ڏوهي قرار ڏنو، جنهن تي ڄام لاکو/ لوڙائو بڻجي پيو. ريٻارين ۽ راءِ کنگهار جاڙيجي خلاف لوڙيون/ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيائين.
ڄام لاکي اها روش، پنهنجي پيءُ ڦل جي وفات کان پوءِ تبديل ڪئي ۽ پنهنجو راڄ سنڀالي اعلان ڪيائين ته آءٌ ’لاکو لوڙائو‘، نه پر ’لاکو ڦلاڻي‘ آهيان. هاڻي ڌاڙا نه هڻندس.
شاهه لطيف به لاکي جي ان ڪردار کي ڳايو آهي:
لاکا لک سُجهن، ڦلاڻيءَ ڦيرُ ٻيو،
جهن ڀر راڻا، راڄيا، ڪوٽن- ڌڻي ڪنبن،
جنهن جو جاڙيجن، ستي سنچو نه لهي.
(مرزا ممتاز شاهه جو گنج (جديد صورتخطي) سر ڏهر، صفحو-400)
ڄام لاکي ڦلاڻيءَ پنهنجي دور ۾ سڀ کان اڳ کيراڳڙهه نالي هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو، جنهن لاءِ ڪافي اوڏ گهرايائين. ڪوٽ جي ڪم دوران ڄـام لاکي جـي نگاهـه ٻيـلي نـالي اوڏ جـي نيـاڻيءَ تي پئي ۽ اُن هٿان دل کسائي ويٺو. روايت موجب هن بروقت ماڻهو موڪلي ٻيلي اوڏ کان ڌيءَ جو سڱ گهريو، جنهن خوشيءَ سان رشتو قبول ڪيو، جنهن بعد ڄام لاکي جو اُن ڇوڪريءَ سان نڪاح ٿيو. ڄام لاکي اوڏن کي تمام گهڻو نوازيو. ملڪ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ محسوس ڪري، اوڏن هٿان ٻه وڏا تلاءَ کوٽايائين. جن مان هڪ تي ’لاکاسر‘ ۽ ٻئي تي ’ٻيلاسر‘ نالو پئجي ويو. اهي ٻئي تلاءَ اڄ تائين ساڳين نالن سان سڏجن ٿا.
اها به روايت آهي ته جڏهن ڄام لاکو ڦلاڻي ڪڇ مان ڄڃ وٺي مهر راڻي پرڻجڻ پئي آيو، تڏهن ٽنڊي جان محمد واري آمري مقام وٽان پراڻ درياهه اُڪريو هو ۽ آمريءَ ۾ منزل انداز ٿيو هو. پراڻ درياهه ۾ ان وقت وڏو پاڻي هو. ان ڪري سندس ڏاج جو سامان پُسي پيو، جيڪو هن آمريءَ جي ڪنڌيءَ تي لئيءَ جي ٽارن ۽ ٻين وڻن تي سڪائڻ لاءِ وجهرايو هو. جڏهن اهو سامان اُس تي سُڪي خشڪ ٿيو ۽ لاهڻ جي تياري ٿي ته ڄام لاکي همراهن کي روڪي چيو ته اسان جو دستور آهي ته اسين شاديءَ ۾ اوڍاڻي ڏيندا آهيون، اُن ڪري
هن شاديءَ جي هيءَ پهرين اوڍاڻي آهي. تنهنڪري اهي ڪپڙا اتي ئي رهڻ ڏيو. ان بعد ٻيو سامان خريد ڪري اڳتي وڌيو.
لاکي جي ان روايت کي شاهه لطيف سُر ڏهر ۾ هن ريت ڳايو آهي:
جهوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنبرين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيئڙا.
ڄام لاکي جو حسب نسب جديد تحقيق موجب هن ريت بيهي ٿو: لاکو پٽ ڦل، پٽ ساهڙ، پٽ مهڙ، پٽ ويرو (ويراهه)، پٽ ساند، پٽ پلي، پٽ رائڌڻ، پٽ ڪاڪو، پٽ سمو، پٽ انڙ ...
لاکو ڦلاڻي چوڏهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جو سورهيه سردار ٿي گذريو آهي، جنهن چوڙن سمن جي نائب طور ڪڇ تي راڄ ڪيو. هن کان پوءِ سندس ڀائٽيو ڄام پونئرو ڪڇ جو حڪمران ٿيو، جيڪو سنڌ جي حڪمران همير سومري جو همعصر هو. پونئري کان پوءِ ڪڇ تي جاڙيجن جو راڄ قائم ٿيو، جيڪي لاکي گوراڙي جي پٽ ڄام انڙ (سنڌ جي پهرئين سمي حڪمران) جو اولاد هئا.
لاکي ڦلاڻيءَ جو نالو سنڌ جي سمن ۾ عام معروف رهيو آهي، ان ڪري ڄام لاکي گوراڙي ۽ خاص طرح ڄام راول جي پيءُ ڄام لاکي هالي جاڙيجي جا واقعا هن جي واقعن سان ملي جُلي ويا آهن.
ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جي آخري دور ۾ گجرات جي حاڪم مولراج سولنڪيءَ ڪڇ تي ڪاهون ڪيون. آخري ڪاهه دوران لاکي ڦلاڻيءَ جي لَکِي گهوڙِي مري پئي، جنهنڪري هن پيادي وڙهندي شهادت ماڻي. ڀٽ ڌڻيءَ به اُن جي شاهدي ڏني آهي ته:
”لکي ۽ لاکو، ٻئي مُئا، ٻاجهه ٿي“
[يعني: لاکو ڦلاڻيءَ ۽ اُن جي گهوڙي لَکِي، (ماڻهن تي) ٻاجهه ڪندي، مارجي ويا.]
ڪتاب ’ڪڇ جو گجراتي اتهاس‘ (ڇپيل 1926ع) ۾ ڄاڻايل آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ لڙائي ڪندي سنبت 1035 ۾، ڪتي مهيني جي ٽيج، ٻارهين وڳي، سٺ سالن جي عمر ۾ شهادت ماڻي.
لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي. شمس الدي عرساڻيءَ پڻ ’لاکو ڦلاڻي‘ عنوان سان ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ ناوليٽ لکيو آهي. ان کان سواءِ نوجوان محقق قاضي مقصود احمد مٽياريءَ واري، ’لاکو ڦلاڻي‘ عنوان سان ڪتاب تيار ڪري، ان تي وڌيڪ روشني وڌي آهي. هن ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڇپيل سموري مواد کي گڏ ڪري جديد تحقيقي انداز سان لاکي جي شجري، دؤر ۽ ساڻس لاڳاپيل واقعن جو تنقيدي اڀياس پيش ڪري، ڄام لاکي ڦلاڻيءَ کي تاريخ ساز شخصيت طور نروار ڪيو ويو آهي.