
ڄام لکپت
ڄام لکپت: ڄام لکپت (هي راءُ لاکو جي نالي سان بہ مشھور ٿيو)، 1717ع ڌاري ڀُڄ شھر ۾ ڄام ڏيسر جي گهر ۾ ڄائو. سندس ماءُ جو نالو ’راڻي ٻائي شري مانڪور ٻائي‘ هو. هن پنھنجي پيءُ کي قيد ڪري، 1741ع ۾ ڪڇ تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. ڪي محقق هن جو دور سندس پيءُ جي وفات 52-1751ع کان پوءِ شمار ڪن ٿا. اورنگزيب عالمگير 1757ع ۾ سندس وفادارين عيوض کيس ’مهاراجا ڌيراج‘ جو لقب ڏنو. ساڳئي وقت احمد شاھہ درانيءَ کيس ’مهارائو‘ جي لقب سان نوازيو. هن پنھنجي درٻار کي مغل طرز تي هلايو. هيءُ پنھنجي دور جو چڱو لکيل پڙهيل حڪمران هو. هن پنھنجي وقت ۾ ڪڇ ۾ فائونڊريون، ريشم جا ڪارخانا، گهڙين ٺاهڻ جون فيڪٽريون ۽ شيشي جي ڪم جا ڪارخانا لڳرايا. جيمس برنس ڪتاب سنڌ جي درٻار ۾ لکيو آهي تہ ڪڇ ملڪ جو ڪاروبار هن نالائق وزيرن جي هٿ ۾ ڏنو. جنهنڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو. سندس پٽ گوڙجي سندس خلاف کلي بغاوت ڪئي. هن جي حڪومت ۾ ٻہ ٽي وزير قتل ٿيا. سيٺ ديو ڪرن جي پٽ پونجا کي بہ بيعزتو ڪري موقوف ڪيو ويو. هن ڪڇ ۾ وڏين صنعتن کي هَٿي ڏني. هن ڪل 9 شاديون ڪيون، جن ۾ جهاليجي راڻي تمام گهڻو مشھور ٿي. هن 1761ع ۾ وفات ڪئي. کيس 4 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد هو. ڪتاب Antiquitites of Kutch and Kathiawar جي مصنف جيمس برجيس، هن جي حڪمرانيءَ جو دور 1741ع ڄاڻايو آهي، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.