ڄام مھڙ نوتيار: ڄام مھڙ نوتيار سمن مان نوتيارن جي نک جو سورهيه سردار ٿي گذريو آهي. جڏهن هن جي جوءِ ۾ علاؤالدين جي ڪاھہ وقت پناھہ وٺڻ لاءِ سومريون آيون تہ انهن کي مان ڏنائين ۽ سندن آجيان ڪيائين. پنهنجو خاص لشڪر وٺي ترڪن جي بادشاهي لشڪر کي سامهون ٿيو. نوتيارن جو راڄ ۽ سرداري ڪلهوڙي ڪوٽ ۾ هئي. جتي نوت جو حصو آهي. هينئر وارو بدين جو ڏکڻ ۽ اڀرندو پاسو انهيءَ حصي ۾ اچي وڃن ٿا. علاؤ الدين جي لشڪر جنگ دوران شروع ۾ ئي 15000 جوڌا شھيد ٿي ويا، جنهن بعد هيءُ سرويچ بہ شھيد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح مھڙ ڄام نوتيار سورهيه سڏجڻ ۾ آيو. جيسين جيئرو هو تيسين دشمنن کي اڳتي اچڻ نہ ڏنائين. هن جو شمار سنڌ جي ستن سورهين ۾ ٿئي ٿو. هن کي لطيف سائينءَ بہ ڳايو آهي:
سمو سوائي، ٻهون ٻينئان اڳرو،
دانھہ جي درٻار ۾، ورتي اِيءَ وائي،
ڳھڻ ڳالهائي، مهُڻ سڀ ملهائيا.
(سر بلاول 2-12)