ڄام نندو خان ٽالپر

ڄام نندو خان ٽالپر: مير خان ٽالپر اول'>شھداد خان ٽالپر اول ڪلهوڙن جو سپه سالار هو، کيس چار پٽ مير خان ٽالپر'>ڄام نندو خان ٽالپر، مير چاڪر خان ٽالپر، مير بھرام خان ٽالپر ۽ مير خير محمد خان ٽالپر نالي هئا. مير خان ٽالپر'>ڄام نندو خان ٽالپر پنھنجي پيءُ مير شھداد خان ٽالپر کان پوءِ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي لشڪر جو سپه سالار مقرر ٿيو. مير ڄام نندو خان وڏو بھادر ۽ سخي هو. 1725ع کان 1728ع تائين دائود پوٽن سان شڪارپور ۽ ’ٻيٺ دٻيءَ‘ جي جنگين ۾ پنھنجي پيءُ سان گڏ خان ٽالپر'>ڄام نندو خان ٽالپر بہ شريڪ هو. ان کانسواءِ 1731ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي فوج هٿان قلات جي حاڪم مير عبدالله خان مارجي ويو هو، ان جنگ ۾ پڻ ٽالپرن جو سردار مير شھداد خان ٽالپر ۽ سندس پٽ مير ڄام نندو خان شريڪ هئا. مير شھداد خان 1734ع ۾ فوت ٿيو، تڏهن ڄام نندو خان، ڪلهوڙن جي درٻار ۾ والد واري رتبي تي فائز ٿيو. مير ڄام نندي خان هر جنگ ۾ وڏا بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا، جڏهن نادر شاھہ 1739ع ۾ ميان نور محمد خان جا پٽ يرغمال طور تي وٺي ويو هو، تڏهن مير ڄام نندو خان بہ انهن سان گڏ ايران ويو، ايران وڃڻ سان ئي هن اتي حضرت امام علي رضا عليہ السّلام جي روضي ۽ ٻين مقدس مقامن جي زيارت ڪئي ۽ ترت ڪربلا، نجف ۽ شام مان پڻ زيارتون ڪري آيو ۽ اچي مشهد ۾ وفات ڪيائين. مير ڄام نندو سنڌي زبان جو هڪ سٺو شاعر بہ هو. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هن اوڏائي سپرين، ان جا پکا ٿا پسجن،
ويچاري ويهڻ نہ آئي، اوجهلي جنجيرن،
نئرن ۾ نندو چئي، ان جي ڪر نہ لڌي ڪن،
لوھہ جمالي وڃن، نئر نہ لھي نينھن جو.
مير ڄام نندي ٽالپر کي ٻہ پٽ شھداد خان ثاني (منڊو) ۽ ڄام فيروز خان نالي هئا. هي ٻئي ڀائر اڻ پڙهيل هئا، جڏهن ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ ٽالپر اميرن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي، تڏهن مير نندي ٽالپر جي پٽن پنھنجي چاچي مير بھرام خان ٽالپر ۽ سؤٽ مير صوبدار خان ٽالپر جي گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪئي. مير بھرام جي گهر مان سواءِ مستورات جي چادرن کان باقي سڀ ڪجهہ ڦري کڻي ويا. هيڏانهن مير بھرام ۽ مير صوبدار جو شھيد ٿيڻ ۽ هوڏانهن ڄام شھداد منڊي ۽ ڄام فيروز جي ڦُـر ڪرڻ، هنن جو اولاد خيرپور (سوڀيديري) ۾ آباد آهي.


لفظ ڄام نندو خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو