ڄام پراگمل- I: هيءُ ڄام رائڌڻ-II جو ٽيون نمبر پٽ هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ ڀائرن سان وڙهي، گادي هٿ ڪيائين. هن پنھنجي مُڙني مخالفن کي مارايو، جن سندس حڪمرانيءَ کان انڪار ڪيو. ايستائين جو پنھنجي وڏي ڀاءُ ڄام راول کي بہ ان وقت قتل ڪري ڇڏيائين، جڏهن هُو پنھنجي پيءُ کي دفنائي رهيو هو. هن ڀُڄ شھر ۾ 1715ع ۾ وفات ڪئي. کيس 5 پُٽ هئـا: (1) گــوڙ جي، (2) نرنجي، (3) سگرام، (4) ڪرن ۽ (5) دودو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ گوڙجي، گاديءَ تي ويٺو. انهن ڄامن جو تذڪرو ڪتاب ”Cutch- The Jareja Dynasty“ ۾ ملي ٿو.