ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا ڪتاب جو عڪس
ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا: مشهور اديب علي احمد بروهيءَ جي ڪتاب جو نالو. هن ڪتاب ۾ مشهور سنڌي اديبن، عالمن ۽ سياستدانن بابت نهايت دلچسپ خاڪا ملن ٿا. پهريون ڀيرو هيءُ ڪتاب 1984ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1999ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو. ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.