ڄام چينو

ڄام چينو: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو تہ: ”ڄام امير چينو ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن ذاتي توڙي مقامي سرداريءَ کي ڪنهن حد تائين رياست جي حيثيت ڏني. ’جواهر عباسيه‘ ۾ شيخ محمد اعظم ۽ ’مرآته دولت عباسيه‘ ۾ لالا دولترام جي دعويٰ آهي تہ ڄام امير چني جلال الدين محمد اڪبر بادشاھہ جي پٽ شھزادي محمد مراد کان سرداريءَ جي سند حاصل ڪئي ۽ منصب ورتو. هن روايت جي برعڪس ’تاريخ سنڌ‘ ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ: ”غزنوي ۽ غوري بادشاهن جي زماني ۾ امير چينو ڪيترن راڻن جي مدد سان ملتان پهتو ۽ اتي ان جي حاڪمن سان پاڻ کي وابستہ ڪري ڇڏيائين، تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”ڄام چينو خان ڀائرن جي نفاق کان مجبور ٿي پنھنجي ساٿين گڏجي سان کنڀات پهتو ۽ اُڍيجا قبيلي سان رهڻ لڳو.“ هيءُ پاڻ کي مضبوط ڪندو ويو، ملتان کان واپس موٽڻ بعد ڄام چيني خان سيوستان (سيوهڻ) کان ڇھہ ڪوھہ پري، اولھہ طرف هڪ مناسب هنڌ تي نئون شھر ٻڌايو ۽ ان تي ’جهانگارا باجارا‘ نالو رکيائين. هيءُ شھر اڃا تائين انهيءَ نالي سان مشھور آهي. ان کانپوءِ ڄام چينو آهستي آهستي پنهنجو اقتدار وڌائيندو ويو. کنڀات جي پرڳڻي، ڪوريجن، سهتن ۽ چنن وغيرہ قبيلن جي ستن زميندارن کي جيڪي راڻي جي خطاب سان مشھور هئا، کي پنهنجو مطيع ڪيائين. ڪڪرالي جو حاڪم ڄام ڏيوو وڏي طاقت وارو حاڪم مڃيو ويندو هو. هن پنھنجي وڪيل هٿان هڪ تيز رفتار گهوڙو سوکڙيءَ طور ڄام چيني کي ڏياري موڪليو ۽ اهڙيءَ طرح ٻنهي ڌرين ۾ دوستيءَ جو رستو قائم ٿي ويو. ڄام چينو شڪار جو وڏو شوقين هو. هڪ دفعي جاڙي مھر ٻڌايس تہ جبل جي ڀر ۾ هڪ چشمو آهي، جتي رات جي وقت گڊ، سرھہ ۽ ٻيا جانور پاڻي پيئڻ ايندا آهن، جيڪڏهن اوهين ڪنهن رات هلي انهن جي تاڙ ۾ ويهو تہ ڏاڍو سٺو ٿيندو، اهو ٻڌي آخرڪار هڪ رات ڄام چينو خان ۽ جاڙو مھر انهيءَ چشمي تي شڪار جي خيال سان ويا، کين ويٺي آڌي رات گذري وئي پر شڪار هٿ ڪونه آين ۽ انتظار ڪندي ڪندي ڄام چيني کي ننڊ اچي وئي. اوچتو کڙڪي ٿيڻ تي سندس اک کلي ۽ چشمي جي ڀرسان ڪا شيءَ چرندي ڏسڻ ۾ آيس. هن يڪدم تير هلايو، جڏهن چشمي جي ويجهو وڃي ڏٺائين تہ هڪ ماڻهو تير لڳڻ سبب پوين پساهن ۾آهي، اهو حال ڏسي ڄام چينو پريشان ٿي ويو، ان تي اهو زخمي ماڻهو چوڻ لڳو تہ: ”منهنجو موت ايئن لکيل هو، اوهان جو ڪوبه قصور نہ آهي، فقط هڪ وصيت ڪرڻي اٿم تہ منهنجي اولاد ۾ ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي آهن، جن جو خدا کانسواءِ ٻيو ڪوبه واهر وسيلو نہ آهي. اوهين جيڪڏهن انهن جي سار سنڀال جو بار کڻو تہ اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. مون اوهان کي پنهنجو خون معاف ڪيو“. ان کانپوءِ ڄام چيني شھر ۾ اچي ان ماڻهوءَ جي اولاد جي خبر چار ورتي. مقتول جي وڏي پٽ حسين کي جاڙي مھر پنهنجو پٽ ڪري پاليو ۽ ٻين ٻن پٽن کي ڄام چيني پاڻ وٽ رهايو ۽ ان مقتول جي ڌيءَ سان شادي پڻ ڪيائين. ڄام چيني خان ۽ راڻـي ڏهـريءُ بـلال جا چـراگاھہ دريـاھہ جـي ٻنهـي ڪنارن تي آمهون سامهون هئا، هڪ دفعي ڄام چيني خان جو وڏو پاڏو (مال)، درياھہ پار ڪري راڻي ڏهريءَ جي چراگاھہ ۾ ڪاهي پيو. ڏهريءَ پاڏي کي جهلرائي سخت ڌڪ هڻايا. عبدالله داروغي سمورو قصو وڃي ڄام چيني کي ٻڌايو، اهو قصو ٻڌي ڄام چينو باھہ ٿي ويو ۽ بدلي وٺڻ لاءِ موقعي جي تلاش ۾ رهيو. اتفاق سان هڪ ڏينهن کيس پتو پيو تہ ڏهري جي ڌيءَ روز پنهنجين سهيلين سان درياھہ تي سير لاءِ ايندي آهي. ڄام چيني خان وجهہ وٺي درياھہ جي ٻي پاسي اچي ڏهريءَ جي ڌيءَ کي زوري کڻي اچي پنھنجي گهر ۾ ويهاريو. ڏهريءَ کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن ڪوريجا، سهتا، دل، اڍيجا، برفت، ڪرمتي، کهوڙ، جاڙيجا، جوکيا، لاسي، ٿھيم ۽ ٻين قبيلن جي سردارن کان مدد گهريائين. سڀني ڄام چيني خان سان مقابلي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر هنن پنھنجي طرفان ڄام چيني خان کي خط موڪليو ته، ”اوهان جو خاندان هميشہ ننگ و ناموس ۾ مشھور رهيو آهي ۽ راڻي ڏهريءَ سان اوهان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي اهو اوهان جي وڏن جي شان کان ٻاهر آهي، اوهين انهيءَ ڳالھہ جي تلافي ڪريو، ڇو تہ اوهان جي خانداني عظمت جي اها ئي تقاضا آهي“. ڄام چيني خان اهڙو خط ملندي ئي ڇوڪريءَ کي پالڪيءَ ۾ ويهاري کيس عزت ۽ حرمت سان سندس گهر موڪلي ڏنو. راڻي ڏهري انهيءَ خوش اخلاقيءَ کان گهڻو متاثر ٿي ۽ پاڻ ئي ڄام چيني کي پنھنجي ڌيءَ جو رشتو ڏئي، ان سان مائٽي ڪيائين. غلام رسول مھر ”تاريخ سنڌ“۾ ڄام چيني جي اخلاق بابت لکي ٿو تہ: ”ڄام چينو خان گهڻو رحمدل، نهٺو، عادل ۽ پاڪدامن شخص هو. هيءُ بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن کي پالتو جانور پالڻ جو وڏو شوق هو“. ڄام چيني خان جي وفات بابت ’تحفته الڪرام‘ جو مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”ڄام چيني خان سانڪڙو (ساڪرو) درياھہ جي ڪناري تي کنڀات ۾ وفات ڪئي ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو“.


لفظ ڄام چينوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو