ڄام ڏاتار جي مزار

ڄام ڏاتار جي مزار

ڄام ڏاتار جو روضو

ڄام ڏاتار جو روضو

ڄام ڏاتار (بزرگ)

ڄام ڏاتار: نامور بزرگ سخي ڄام ڏاتار ڏهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ ٿي گذريو آهي. هن جو تعلق سمن جي دور سان آهي. هيءُ شھيد مخدوم بلاول جو اهم خليفو هو. روايت آهي تہ هيءُ غوث بهاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي درگاھہ ڏانهن جيڪي لاڙ واريون جماعتون ’ڊُٺڙي جي واٽ‘ سان وينديون هيون، سي ڄــام ڏاتـار وٽـان دعـا گهـري پـوءِ اڳـتـي ويــنـديــون هيون. آسپاس جا ماڻهو ڄام ڏاتار ۾ عقيدت رکندا هئا. ان عـقيــدي جــي خاص صورت اهـا هئي، جو هو ڦنڊر باسيندا هئا ۽ ڏيندا هئا. اها رسم آڳاٽي دور کـان هـلـنـدي پئي اچي. تحفة الڪرام ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ: ”ميران محمد جونپوريءَ جي تبليغ سبب سنڌ جي مذهبي ماحول ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي، مخدوم بـلاول ۽ سـندس خليفن، ميـران محمد جونپوريءَ جي سخت مخالفت ڪئي.شاھہ بيگ ارغون ميران جونپوريءَ جو معتقد ٿي پيو ۽ سنڌ تي قبضي کانپوءِ مهدوين شاھہ بيگ ارغون جو ساٿ ڏنو، جنهن مخدوم بلاول سميت ڪافي خليفن کي شھيد ڪرائي ڇڏيو. انهن خليفن ۾ سخي ڄام ڏاتار بہ چيو وڃي ٿو. ان حوالي سان هيءُ بلاولي تحريڪ جو اهم رڪن سڏيو ويو آهي، جنهن کي مخدوم بلاول کان پوءِ شھيد ڪيو ويو هو. ڄام ڏاتار جو مقبرو ضلعي بينظيرآباد (نوابشاھہ) ۾ آهي. هيءَ درگاھہ ٽيهن ايڪڙن جي مقام ۾ قائم آهي، جنهن ۾ 120 کن اوتارا آهن. هيءَ درگاھہ اوقاف کاتي جي حوالي آهي. درگاھہ تي هر سال ربيع الاول مهيني ۾ پهرئين سومر تي عرس ۽ ميلو لڳندو آهي.
هڪ ٻي روايت موجب ڄام ڏاتار جو اصل نالو علي اصغر شاھہ هو، جيڪو نقوي سادات گهراڻي ۾ 623 ھہ ڌاري ڄام صاحب کان اولھہ سيد آباد ڳوٺ (جيڪو هن وقت کنڊر بڻيل آهي) ۾ ٿيو هو. ان روايت موجب هن اچ ۽ ملتان ۾ تعليم ورتي هئي. سيد علي اصغر شاھہ هتي اچي مدرسو قائم ڪيو ۽ سندس وفات 700 ھہ ۾ ٿي. (حوالو: فقير نصرت حسين، ماهوار پيغام، ڪراچي: سيپٽمبر 2011ع). هن روايت کي اڪثر مؤرخن ضعيف قرار ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو