ڄام ڪارائڙو

ڄام ڪارائڙو: هن جو اصل نالو ڄام ڪارايل ولد ڄام پينگهر سمو هو. ڪڇ جي ’گرڙيي ابڙاسيي‘ جو رهاڪو هو. هن جو والد ڪڇ جي رياست جو سردار هو. ڄام ڪارائڙو ننڍپڻ کان ئي حساس طبيعت ۽ غريبن جو همدرد هو. ان وقت جا شاهوڪار غريبن سان ڏاڍايون ڪندا هئا، ۽ راجا غريبن جي ڪا بہ مدد نہ ڪندا هئا. ان ڪري هن راجائن ۽ اميرن خلاف بغاوت ڪئي. اميرن جو مال لُٽي غريبن ۾ ورهائي، سندن هر ڏُکيءَ ويل مدد ڪندو هو. ماڻهو کيس ڄام ڪارايل بدران ’ڪارائڙو ڪونڌر‘ سڏيندا هئا. ڄام ڪارائڙو جڏهن بہ ڪنهن سردار يا امير جي محل ۾ ڦُر ڪرڻ ويندو هو تہ اڳواٽ اطلاع ڪري، کيس تاريخ ۽ وقت ٻُڌائيندو هو ۽ ڏنل وقت تي سخت پهري هوندي بہ مال ڦُري ايندو هو. هُن جي عادت هئي تہ جنهن بہ محلات يا حويليءَ ۾ ڦُر ڪرڻ ويندو هو، تہ پاڻ سان پوتيون کڻي ويندو هو، جيڪي گهر ڌياڻين کي اوڍائي پوءِ مال کڻندو هو. هُن ڪڏهن بہ عورتن کان زيوَر نہ لهرايا ۽ نہ ڏاج جو سامان کسيو. ماڻهو کيس ’سرهو چور‘ سڏيندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ هڪ مالدار ’سارو سنگهار‘ مشھور هو. اهو جڏهن مال سانگي ڪڇ ويو، تہ سندس ڪارائڙي سان واسطو پيو، ۽ هن پنھنجي ڌيءَ ڪپوريءَ سان سندس شادي ڪرائي. ان کان پوءِ ’سارو سنگهار‘ جڏهن واپس سنڌ موٽيو تہ ’ڪارائڙو‘ بہ ساڻس گڏ عمرڪوٽ ضلعي جي ناري واري علائقي ۾ اچي رهيو. اها خبر جڏهن ڪڇ جي راجا ۽ ٻين اميرن کي پئي، تڏهن هنن اهو هُلايو تہ ’ڪارائڙو‘ بي همت ٿي پيو آهي، جنهنڪري ڪڇ ڇڏي ويو آهي. اها ڳالھہ جڏهن هُن ٻُڌي تہ ترت ڪڇ پهچي ويو ۽ اتان جي راجا کي نياپو ڪيائين تہ اڄ رات تنھنجي محلات مان مال ڦريندس. راجا محلات جي ٻاهران کاهيون کوٽائي، سُڪل گاھہ ۽ ڇيڻا گڏ ڪرائي ڇڏيا. جيئن ئي ڪارائڙو محل ۾ داخل ٿيو تہ گاھہ ۽ ڇيڻن کي باھہ ڏني وئي. جنهنڪري سندس ساھہ منجهي پيو ۽ کاهيءَ ۾ ڪِرِي پيو ۽ راجا جي پهريدارن مٿس حملو ڪري کيس ماري وڌو. راجا هُن جو سِرُ وَڍائي، سندس سهري ’سارو سنگهار‘ ڏي موڪليو ۽ ڌڙ اتي ئي دفن ڪرائي ڇڏيو. سندس زال ڪپوريءَ جي روڄ راڙي کي ڏسي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو:
ڪارايَلَ جِي ڪوڏَ، مون ڪينجهَرُ سَڀ نِهاريو،
وَري واهِيـريِ نـه وَرِيـا، لَلا لاکـيـڻيءَ لـوڏَ،
هِنئين جِنيِن هوڏ، سي هَنجڙا سَڀُ هَلي وِيا.
(شاھہ جو رسالو: سر ڪارايل (الف- ب وار) مرتب ڊاڪٽر محمد عالم سومرو، صفحو 472)


لفظ ڄام ڪارائڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو