ڄام گل محمد خان سھتو

ڄام گل محمد خان سھتو: سياستدان ۽ سماج سڌارڪ ڄام گل محمد خان ولد ڄام واحد بخش سھتو 1901ع ۾ سيٺارجا بالا ۾ جنم ورتو. سندس خاندان نسلن کان سهتن، مڱڻيجن، ڌاريجن، ڪوريجن، سريجن، جهيجن ۽ ونڊيرن جو سردار رهيو آهي. گل محمد خان جي ڄمڻ تي سندس والد ايترو تہ خوش ٿيو جو پنھنجي زرعي زمين مان فوري طور تي 12 ايڪڙ دان ڏئي ڇڏيائين. پيءُ جي وفات کانپوءِ ڄام گل محمد خان برادريءَ جي پڳ ٻڌي. پنھنجي برادريءَ ۾ خاص اهميت هجڻ جي ڪري هن کي انگريز سرڪار جي درٻار ۾ ڪرسي مليل هئي. هي پنھنجي برادريءَ جي نہ صرف هر ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندو هو پر انهن جي مدد بہ ڪندو هو. سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ جي حوالي سان سندس نالو مشھور آهي. سردار هجڻ جي باوجود فقيري ۽ ڪارضاڻيون صفتون رکندڙ هو. بزرگن جي مزارن تي ثقافتي ميلا ڪرائڻ، اتي علمي ادبي محفلون ڪرائڻ سندس دلچسپين ۾ شامل هو.
حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ جڏهن انگريز سرڪار ڊفينس آرڊيننس آف برٽش گورنمينٽ تحت اهم شخصيتن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو تہ 1944ع ۾ خيرپور ضلعي مان جن ٽن اهم شخصيتن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ ڄام گل محمد سھتو بہ شامل هو. انگريز سرڪار سندس وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ پهريان تہ پنھنجي خاص ماڻهن معرفت کيس انعامن، اڪرامن جي لالچ ڏني پر جڏهن هن سڀني لالچن کي ٺڪرائي ڇڏيو تہ کيس طرح طرح جون اذيتون ڏنيون ويون، پر پوءِ بہ هن آڻ نہ مڃي ۽ پاڻ تي غداريءَ جو چُٽو لڳڻ نہ ڏنو. هن 1954ع ۾ ميمبر آف ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾خيرپور مان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ سرڪاري اميدوار کي شڪست ڏني. هن ضلعي ڪائونسل خيرپور جي ميمبر جي حيثيت ۾ علائقي جي فلاح ۽ بھبود لاءِ پاڻ پتوڙيو. 1966ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو تہ ان جي چيرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي، سيٺارجا بالا اچي کيس پارٽيءَ ۾ شموليت جي دعوت ڏني. هن اها دعوت قبوليندي برادري سميت پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. شھيد ڀٽو کيس چاچا ڪري سڏيندو هو. ڄام گل محمد خان جون سياسي، سماجي ۽ ثقافتي کوڙ ساريون خدمتون آهن. هن 83 ورهين جي ڄمار ۾ 9 آگسٽ 1984ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ پير شاھہ عبدالرشيد جي صحن ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو