ڄام گوڙجي(ٻيو)

ڄام گوڙجي(ٻيو)

ڄام گوڙجي(ٻيو)

ڄام گوڙجي- II: هيءُ ڄام لکپت جو پٽ هو. هيءُ 1734ع ڌاري ڀُڄ ۾ ڄائو. هيءُ پنھنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ 1761ع ۾ ڪڇ جي گاديءَ تي ويٺو. پنھنجي وزير پونجا جي مخالفت جي ڪري هن جي حڪومت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا ڪڇ تي حملو ٿيو. هر دفعي ملڪ ويران ڪيو ويو. ٻہ ڀيرا هن کي غلام شاھہ ڪلهوڙي جي ڪاهن کي مُنهن ڏيڻو پيو. ميان غلام شاھہ پهريون حملو 1762ع ۾، ۽ ٻيو حملو 1765ع ۾ ڪيو. هن پنھنجي هڪ مخلص مصاحب سيٺ ديو ڪرن کي مارايو ۽ ان جي پٽ سيٺ پونجي کي بيعزتو ڪيو. سيٺ پونجو پهرين تہ گوشائتو ٿي ويٺو، پر جڏهن راءِ گوڙجي حڪمران ٿيو تہ هو وزير ٿيڻ جي آس ۾ وٽس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر کيس خبر پئي تہ راءِ گوڙجي تہ مورڳو کيس مارڻ جي پويان آهي. تنهن کان پوءِ سيٺ پونجو ڀڄي سنڌ ۾ آيو، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کيس هٿو هٿ ورتو ۽ نيٺ ڪڇ تي ڪاھہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ميان غلام شاھہ، راءِ لاکي جي پٽ راءِ گوڙجيءَ جي دور ۾ ڪڇ تي ڪاهيو ۽ ڪڇ جا ڪافي علائقا فتح ڪرڻ بعد راءِ گوڙجيءَ بستا ۽ لکپت بندر جي عيوض صلح جي درخواست ڪئي. غلام رسول مهر، تاريخ ڪلهوڙا ۾ لکي ٿو تہ راءِ گوڙجي پنھنجي ڀيڻ جو سڱ ڏيڻ جو اقرار بہ ڪيو، پر پوءِ راءِ گوڙجي معاهدي تان ڦري ويو. هن نہ رڳو معاهدي جا شرط نہ مڃيا، بلڪہ پنھنجي مخلص مصاحب سيٺ پونجي کي گهرائي پنھنجي اڳيان زهر پي مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. نيٺ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ٻيهر ڪڇ تي چڙهائي ڪئي. غلام رسول مھر ان حملي جو سال 1178 ھہ (65-1764ع) ڄاڻائيندي ٻڌائي ٿو تہ جڏهن سنڌي فوج ڀڄ کان رڳو پنج ڪوھہ پري هئي تہ راءِ وري صلح جي درخواست ڪرڻ سان گڏ پنھنجي سؤٽ جي ڌيءُ ميان صاحب جي نڪاح ۾ ڏني. ميان غلام شاھہ هن راڻيءَ کي ’سنڌ راڻي‘ جو خطاب ڏنو ۽ مائٽيءَ جي نسبت سان بستا ۽ لکپت بندر ڪڇ جي راءِ کي واپس ڪيا ويا. (حوالو: ٽه ماهي مهراڻ 1-2/2008ع) هن کي ڪل 10 زالون هيون، جن مان هڪ جهالا راڻي بہ هئي. هن کي ٻہ پٽ ٿيا. (1) رائڌڻ- II ۽ (2) پرٿويراج سنگهہ جي (ڀائيجي باوا). هن 1778ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو