ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ

ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ: سومرن کان پوءِ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو پايو وجهندڙ ڄام انڙ عرف ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ، ڄام بابيني (لاکي گوراڙي) جو پٽ ۽ لاکيار جو پوٽو وڏين صلاحيتن وارو سردار هو. جنهن جي هٿ هيٺ لاڙ، لسٻيلي ۽ سبيءَ کان وٺي مڪران ۾ رهندڙ سمن جا قبيلا متحد ٿيا هئا. هن جو ذڪر سڀ کان اڳ ابن بطوطـه جي سفرنـامـي ۾ ملـي ٿو. جنهن مطـابق ڄـام انــڙ، محمد تغلق جي اميرن مان هو ۽ سيوهڻ ۾ رهندو هو. جڏهن محمد تغلق، ملڪ رتن کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ته ڄام انڙ ۽ امير قيصر روميءَ کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ انهن وجهه وٺي شڪار جي بهاني سان کيس جهنگل ۾ وٺي وڃي مارائي ڇڏيو ۽ پاڻ ملڪ فيروز جي نالي سان ان جي جڳهه والاريائين. انهن حالتن ۾ ڄام انڙ، سيوهڻ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي لاڙ جو رخ ڪيو. امير قيصر رومي اتي ئي رهيو. ملتان جو نائب حڪمران عماد الملڪ، سيوهڻ واري بغاوت کي ڪچلڻ ۽ ملڪ رتن جو بدلو وٺڻ لاءِ دهليءَ جي حڪم نامي سان سيوهڻ تي ڪاهي آيو. قيصر روميءَ قلعي ۾ پناهه ورتي ۽ چاليهه ڏينهن بعد امان گهري. عماد الملڪ کيس امان ڏني، سندس ٻاهر نڪرڻ تي واعدي تان ڦري کيس مارائي، لاش ۾ بهه ڀرائي قلعي جي مٿان ٽنگي ڇڏيائين ۽ قلعي وارن جو وڏو ڪوس ڪيائين. اهو سڄو واقعو ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي، جيڪو همعصر ماخذ هئڻ ڪري اعتبار جوڳو آهي.
هي واقعو 34-1333ع ۾ ٿي گذريو، ان بعد سندس باري ۾ فيروز تغلق جي درٻاري تاريخن مان خبر پوي ٿي، جيڪي ساڳئي نالي ’تاريخ فيروز شاهي‘ سان ضياءُ الدين برني ۽ شمس سراج عفيف جون لکيل آهن ۽ ڄام انڙ جا همعصر ماخذ آهن. هنن ماخذن مان خبر پئي ٿي ته محمد تغلق، ڄام انڙ جي بغاوت کان ناخوش هو. ملڪ رتن جي مارجڻ بعد ڄام انڙ، لاڙ واري علائقي ۾ حڪومت حاصل ڪري چڪو هو، جتي هن، محمد تغلق جي باغي امير طغيءَ کي پناهه به ڏني هئي.
ان عرصي دوران همير سومرو، عمرڪوٽ واري علائقي تائين محدود ٿي چڪو هو. ڄام انڙ جي حڪمرانيءَ جو دور 1351ع کان 1353ع تائين (لڳ ڀڳ ٽي سال) ليکيو ويندو آهي، جڏهن تغلقن جي درٻارين پهريون ڀيرو حڪمران طور سندس ۽ سندس خاندان جو ذڪر ڪيو. نه ته سندس حڪمرانيءَ جو دور سيوهڻ جي بغاوت کان هڪدم پوءِ سمجهڻ گهرجي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن جي راءِ تي پهتل آهي ته ڄام انڙ 1351ع کان گهڻو اڳ حڪمران طور نظر اچي رهيو آهي.
لوڪ روايتن جي ذخيري ۽ تاريخي ماخذن مان اها تصديق نه ٿي ٿئي ته ڄام انڙ، همير سومري سان جنگ ڪري ملڪ تي قبضو ڪيو هو، پر سندس دؤر ۾ همير سومرو ڪمزور ٿي عمرڪوٽ تائين محدود ٿي ويو هو ۽ سنڌ تي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ عين الملڪ ماهروءَ جي مدد سان دهلي درٻار سان رابطي ۾ هو. دهلي درٻار، همير سومري کي هڪ مهري طور سمجهندي هئي. باقي همير سومري سان ماهرو ۽ دهليءَ جي تغلق حاڪمن جي ڪا به سچائي نه هئي. جنهنڪري سنڌ تي اختيار حاصل ڪرڻ بعد هنن همير سومري يا سندس وارثن کي ملڪ ڏيڻ بدران سمن کي ئي حڪمران برقرار رکيو.
محمد تغلق، ڄام انڙ کي آڻ مڃرائڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي سونڍا وٽ مري ويو. تاريخ فيروز شاهيءَ ۾ فيروز تغلق، محمد تغلق جي سنڌ فتح ڪرڻ جي خواهش جو ذڪر ڪندي ان خواهش جي پورائيءَ لاءِ سنڌ تي فوج چاڙهڻ جي تياري ڪندي نظر اچي ٿو، پر اهي ئي ماخذ آهن، جيڪي سنڌ جي سمن جي بهادريءَ جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ پنهنجن حڪمرانن جي پريشانيءَ ۽ مصلحت سان انهن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ڪرڻ جو ذڪر ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
ڄام انڙ جي وفات 1354ع ۾ ٿي، ان بعد سندس ڀاءُ ڄام جوڻي ۽ ڄام اُنڙ جي پٽ ڄام بابيني (ثانيءَ) جي گڏيل حڪومت قائم ٿي.
لوڪ روايتن ۾ ڄام هالي هٿان همير سومري جي مارجڻ واري راويت جي بنياد تي محقق اهو خيال ڪن ٿا ته همير سومري جي مارجڻ ۾ ڄام انڙ جو هٿ هو. اهڙي قسم جون روايتون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچجنگ ناما‘ ۾ ڏنيون آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۾ مونجهارا پيدا ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب پاڻ ئي ماهروءَ جي خطن جي بنياد تي واضح نشاندهي ڪري ٿو ته همير سومرو 1365ع تائين زندهه هو ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو. جڏهن ته ڄام انڙ کانئس گهڻو اڳ سنڌ تي حڪمراني ڪري 1353ع ۾ طبعي موت مري چڪو هو. (حوالو: سمن جي سلطنت)


هن صفحي کي شيئر ڪريو