ڄاڃي مل وارو کوھہ

ڄاڃي مل وارو کوھہ: هي کوھہ موري شھر جي دبرڪي ۽ موچڪي کڏ جي وچواري گهٽ تي جوڳي احمد فقير جي جاءِ جي پويان واقع آهي. هي کوھہ بولي مل جي پڙ ڏاڏي ڄاڃي مل، خاص ڪري مقامي ماڻهن جي پاڻي پيئڻ لاءِ 300 سال کن اڳ تعمير ڪرايو هو. هن کوھہ جي ٻنهي پاسن کان وڏا حوض ۽ غسلخانا ٺهيل هئا، جنهن مان هڪ طرف عورتون وهنجنديون هيون ۽ ٻئي طرف مردن لاءِ غسلخانا هئا. هن کوھہ جو پاڻي تمام ٿڌو هوندو هو. هن کوھہ جي اوساري پڻ سخي باقر شاھہ جي کوھہ جهڙي هئي. هي کوھہ 1960ع تائين استعمال هيٺ هو پر هاڻي ان کوھہ کي اڏاوتن اندر آندو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو